قومي اسيمبلي ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن وچ ۾ جهڙپ، اسپيڪر جي ڊائيس آڏو احتجاج، هنگامو، واڪ آئوٽ

0Shares

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي ۽ حڪومتي ميمبرن جي وچ ۾ جهڙپ گارين سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. تفصيل موجب قومي اسيمبلي ۾  حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي بينچن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ۽ شور سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻيل رهيو، جنهن جي ڪري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي مجبورن اجلاس جي ڪارروائي اڄ تائين ملتوي ڪرڻي پئي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي بيان دوران حڪومتي ميمبرن طرفان جملا استعمال ڪيا ويا جڏهن ته بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي خيالن جي اظهار دوران مخالف ڌر بينچن تان جملي بازي ڪئي وئي جنهن تي پرويز خٽڪ ڪاوڙجي پيو. پرويز خٽڪ چيو ته منهنجي درخواست آهي ته مخالف ڌر ماحول کي ٺيڪ ڪري، توهان جو ڪو ميمبر ماحول کي خراب ڪري ته روڪيو ۽ جيڪڏهن اسان جو ڪو ميمبر ماحول خراب ڪندو ته ان کي اسان روڪينداسين. اسيمبلي جو ماحول ان وقت وڌيڪ خراب ٿي ويو جڏهن پيپلز پارٽي جي ميمبر شازيا مري جي تقرير دوران تحريڪ انصاف جي ميمبر سخت نعريبازي ڪئي ۽ عبدالمجيد نيازي مبينا طور تي گاريون به ڏنيون، جنهن تي شازيا مري چيو ته توهان مون سان اهڙيون ڳالهيون نه ڪيو اهڙيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته ڌرڻي وارن سان ڪيو. ٻئي پاسي عبدالمجيد نيازي طرفان مبينا گارين تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رفيع الله سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبر کي مارڻ لاءِ ڀڳو پر حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن رفيع الله کي پڪڙي ورتو. شازيه مري چيو ته جڏهن اوهان ڳالهايو ٿا ته ائين ٿو لڳي ته ڪو خان ڳالهائي رهيو آهي، اوهان ٻاهر وڃو ته ائين ٿو ته ڪو نيازي ڀڄي  ويو آهي مون ڪنهن قبيلي نه پر ان نيازي لاءِ چيو جنهن هٿيار ڦٽا ڪيا اجلاس ۾ علي محمد خان چيو ته هڪ نيازي هيٿار ڦٽا ڪيا ۽ ٻيو سوات ۾ مري ويو شازيه مري جي تقرير تي پ پ ۽ حڪومتي ميمبر ۾ جهيڙو ٿي پيو، پ پ ميمبرن اسپيڪر جي ڊائيس  آڏو پهچي سخت احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي پ پ ميمبرن واڪ آئوٽ ڪيو اسپيڪر جي رولنگ باوجود ڪنٽرول نه ٿيڻ تي اجالس اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو ٻئي طرف قومي اسيمبلي  ۾ انساني حقن واري وزارت پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته 5 سالن دوران 5 هزار 300 عورتن کي ڪنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو 1558 عورتن کي غيرت جي نالي تي ماريو ويو 14 هزار 300 عورتن سان زيادتي ۽ 99 عورتن تي تيزاب هارڻ جا واقعا پيش آيا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں