اسلام آباد (بيورو) حڪومتي هدايتن تي سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پوليس ڌرڻو هڻندڙن ۽ تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ وفاقي پوليس صبح سوير 500 مظاهرين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا، پوليس ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث 30 ماڻهن جي نشاندهي ڪري ورتي جڏهن ته ضلعي انتظاميه 18 ماڻهن کي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. لاهور ۾ پوليس رات دير سان احتجاج ڪندڙن خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ۽ تحريڪ لبيڪ جي گرفتار ڪارڪنن جي نشاندهي تي ٻين جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ڇاپا هنيا. پوليس ذريعن موجب فيڪٽري ايريا ٿاڻي، اتر ڇانوڻي، ڊفينس، سول لائن، ڪوٽ لکپت ٿاڻي ۾ نامزد ۽ ڪيترن ئي نامزد ماڻهن خلاف سنگين شقن تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سول لائن ٿاڻي ۾ تحريڪ لبيڪ جي سربراهه خادم حسين رضوي سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ آر به سيل ڪئي وئي آهي. هوڏانهن شيخوپوره جي تعلقي شرقپور شريف ۾ پوليس ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، ٻين روپوش جوابدارن جي گرفتارين لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن، پنڊ دادن خان ۾ به تحريڪ لبيڪ جي 27 نامزد ۽ 20 نامعلوم ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام جي هدايت تي سڄي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي پوليس ڪنٽرول ۽ ٻين ضروري قدمن بابت هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته تاريخ 30 آڪٽومبر کان 2 نومبر 2018 تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاج ۽ ڌرڻن دوران ٿيل نقصان بابت مختلف ٿاڻن ۾ 39 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن مان ڪل 61 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو ۽ هن وقت تائين 7 جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن، ان حوالي سان ڪراچي جي مختلف ضلعن گڏو گڏ ڏکڻ ۾ 4، اوڀر 3، ملير 6، ڪورنگي 15، جڏهن ته اولهه ۾ هڪ ۽ سينٽرل ضلعي ۾ 5 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، رپورٽ موجب ڌرڻن ۽ احتجاج جي آڙ ۾ وڳوڙ ڪندڙ عنصرن خلاف شهيد بينظير آباد، سکر، گهوٽڪي ۾ هڪ هڪ ۽ ڪشمور ۾ 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، آءِ جي سنڌ چيو ته صوبائي سطح تي امن امان بابت رپورٽ روزانو جي بنياد تي موڪلي وڃي. اسلام آباد ۾ 500 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا 12 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو ڪراچي ۾ 61 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو شيخپوره ۾ 70 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، گجرات ۾ 500 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا. ٻئي طرف گهرو مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته اسلام آباد جي پوليس کي ٻين صوبن لاءِ رول ماڊل بڻائيندسين سومر تي شهريار آفريدي سان آءِ جي محمد عامر ذوالفقار خان ملاقات ڪئي ان موقعي تي ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته اسلام آباد پوليس کي مثالي پوليس بڻائڻو آهي اسلام آباد جي پوليس جي ٻين صوبن لاءِ رول ماڊل بڻائينداسين شهريار آفريدي چيو ته ڪرپشن کي پوليس کاتي مان ختم ڪرڻو آهي مملڪتي وزير چيو ته عوام جي شڪايتون ٻڌو ۽ اهي حل ڪريو مملڪتي وزير چيو ته تعليمي ادارن ۾ منشيات جي خلاف مهم هلائي ويندي آءِ جي اسلام آباد پاران اسلام آباد پوليس کي مثالي پوليس بنائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟