اسلام آباد (بيورو) انساني حقن واري وزارت وزيراعظم عمران خان کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قانونسازيءَ جي تجويز ڏني وئي آهي. اسلام آباد ۾ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر جي صدارت هيٺ سينيٽ جي انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير شيري مزاري ٻڌايو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي رپورٽ تائين اسان جي پهچ ناهي، انساني حقن جي وزارت وزيراعظم کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ تجويزون موڪليون آهن، اسان حوالي سان ڊوميسٽڪ قانونسازي جي تجويز ڏني آهي. شيرين مزاري چيو ته جمهوري ملڪ ۾ ماڻهن کي جبري گم يا کنڀي نه ٿو سگهجي، ملڪ ۾ پوليس، عدالتون ۽ فوجي عدالتون آهن جن کي اتي پيش ڪيو وڃي. گهرو سيڪريٽري چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ گم ٿيل ماڻهن جو معاملو صوبن وٽ وڃي چڪو آهي، وفاق ان سلسلي ۾ هاڻي قانونسازي ڪندو ته اهو رڳو رڳو اسلام آباد، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تي لاڳو نه ٿيندو. گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته سيو دي چلڊرين سميت ڪجهه عالمي اين جي اوز پنهنجو مئنڊيٽ اورانگهي ۽ قائدن جي ابتڙ ڪم ڪري رهيون هيون جن تنظيمن کي روڪيو تن کي سڪيورٽي سببن جي ڪري روڪيو آهي. شيرين مزاري چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن غير سرڪاري تنظيم تي پابندي ناهي پر اين جي اوز کي اسان جي پاليسي موجب ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته گهڻي قدر اين جي اوز آمريڪا ۽ برطانيا جون آهن، اهي ادارا سڪيورٽي خدشن وارن علائقن ۾ وڃي نقشا ٺاهي رهيون آهن. سينيٽ ڪميٽي چئني صوبن کان تفصيل طلب ڪري ورتا مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو معاملو انتهائي حساس آهي، عالمي سطح تي ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي گهرو وزارت کان جسٽس ڪمال منصور ۽ جسٽس نور محمد جون رپورٽون گهريون هيون پر اڃا تائين ناهن مليون.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟