فليگ شپ ريفرنس: واجد ضياءَ تي جرح مڪمل، جاچ آفيسر ڪامران اڄ بيان رڪارڊ ڪرائيندو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) نواز شريف خلاف فليگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنس ۾ فريادي ڌر جي اهم شاهد واجد ضياءَ کان ڊگهي آڏي پڇا مڪمل ڪئي وئي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي احتساب عدالت نمبر ٻه ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف فليگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي جڏهن ته نواز شريف به احتساب عدالت ۾ موجود هو. نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث فريادي ڌر جي اهم شاهد ۽ پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ کان آڏي پڇا ڪئي. خواجه حارث جي سوال تي واجد ضياءَ عدالت کي ٻڌايو ته حسن نواز ڪمپنين جي ماڊل بابت وضاحت ڏني هئي. نواز شريف جي آءِ ٽي کي ٻڌايو ته هو 2001 کان 2008 جي دوران پاڪستان کان ٻاهر رهيو آهي جڏهن ته نواز شريف ان دوران حڪومت کي انڪم ٽيڪس ادا ناهي ڪيو. خواجه حارث واجد ضياءَ کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جاچ ڪئي هئي ته نواز شريف چوڌري شگر مل کان 110 ملين رپيا قرض ڇو حاصل ڪيو؟  جنهن تي واجد ضياءَ جو چوڻ هو ته اسان کي رڳو 60 ملين رپين بابت معلوم ٿيو ۽ انهن 60 ملين مان 50 ملين رپيا نواز شريف نيب کي ڏنا آهن. خواجه حارث پڇو ته توهان ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته نواز شريف نيب کي اها رقم ڇو ڏني؟ ان تي واجد ضياءَ چيو ته مونکي رڪارڊ ڏسي ڪري ٻڌائڻو پوندو. خواجه حارث چيو ته هي ڪو اهڙو سوال ناهي جنهن تي توهان رڪارڊ ڏسي ٻڌايو ڇاڪاڻ جو ايتري وڏي ڳالهه ٻڌي ڪري توهان جا ڪن اُڀا نه ٿيا ته نواز شريف نيب کي رقم ڇو ڏني؟ جنهن تي عدالت مداخلت ڪندي چيو ته واجد ضياءَ کي رڪارڊ ڏسڻ ڏنو وڃي اهو ڪهڙو پهريون دفعو آهي، هي 100 ڀيرا ته رڪارڊ ڏسي چڪا آهن. واجد ضياءَ چيو ته نيب عرفان منگي کان پڇو هو ته نواز شريف اها رقم ڇو ڏني ته هن جواب ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي هڪ ڪاپي فراهم ڪئي هئي جيڪا واليم نائين جي صفحي 362 کان صحفي 375 تي موجود آهي. خواجه حارث سوال ڪيو ته توهان کي اها ڪڏهن خبر پئي ته نواز شريف طرفان نيب کي 50 ملين رپيا ڏنا ويا آهن؟  واجد ضياءَ چيو ته في الحال مونکي صحيح نموني ياد ناهي ڪهڙي ڏينهن خبر پئي پر اسان هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي کي پڙهيو هو. ان تي خواجه حارث چيو ته فيصلو پڙهڻ کانپوءِ توهان جي نوٽيس ۾ آيو ته نواز شريف طرفان 50 ملين نه 110 ملين رپيا نيب کي ڏنا ويا هئا؟ جنهن تي واجد ضياءَ اڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪندي چيو ته نواز شريف طرفان نيب کي رقم ڏنڊ جي مد ۾ ڏني وئي هئي ۽ اها رقم ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۽ اٽڪ جي احتساب عدالت جي فيصلن کانپوءِ ڏني وئي هئي جڏهن ته اسان جي نوٽيس ۾ آيو هو ته نيب اها رقم نٿي وٺي سگهي. خواجه حارث طرفان واجد ضياءَ کان آڏي پڇا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هاڻ ڪيس جي جاچ آفيسر ڪامران اڱاري تي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائيندو. ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث عدالت کان العزيزيا مل ريفرنس ۾ سوالنامو فراهم ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته جيڪڏهن سوالنامو فراهم ڪندا ته اسان ٻئي ڏنهن جواب جمع ڪرائي ڇڏينداسين. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار کي سوالنامو فراهم ڪرڻ تي اسان کي اعتراض آهي. خواجه حارث چيو ته ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته پراسيڪيوشن کي سوالنامو فراهم ڪيو ويو آهي ته پوءِ اسان کي به سوالنامو ملڻ گهرجي. جڏهن ته واجد ضياءَ جو چوڻ هو ته حسن نواز جي آءِ ٽي کي ٻڌايو هو ته هن فليگ شپ انويسٽمنٽ لميٽڊ کانسواءِ 12 ڪمپنيون قائم ڪيون جي آءِ ٽي اهڙا ڪي به دستاويز حاصل نه ڪيا جنهن ۾ ڪنهن يوڪي اختيارين حسن نواز کي فنانشل اسٽيٽمنٽ يا ڪپنين ٺاهن جي حوالي سان شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هجي . جي آءِ ٽي سربراهه عدالت کي ٻڌايو ته اسان اهڙا ڪي به دستاويز حاصل ناهن ڪيا ته حسن نواز جو مني لانڊرنگ جو ڪو ڪيس يوڪي ۾ هلي رهيو آهي يا مٿس يوڪي ۾ ڪپنيون بابت ڪنهن ڏوهه جو الزام هجي. هن عدالت کي ٻڌايو ته جي آءِ ٽي جاچ دوران معلوم ڪيو ته حسن نواز 2001 کان مستقل طور يوڪي شفٽ ٿي چڪو آهي. حسن نواز جي آءِ ٽي کي ٻڌايو ته هو ننڍي عمر ۾ ئي يوڪي هليو ويو هو. واجد ضياءَ موقف اختيار ڪيو ته فليگ شپ انويسٽمنٽ لمٽيڊ جي قيام وقت حسن نواز جي عمر 25 ورهيه هئي، هن جي آءِ ٽي کي ٻڌايو ته هن تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪاروبار شروع ڪيو ۽ برطانيا ۾ رهڻ لڳو. سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻين ۽ پاناما ليڪ بابت سموري ڪاروائي دوران هو لنڊن ۾ هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں