نيب اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي پٽن حمزه ۽ سلمان کي ٻيهر طلب ڪري ورتو

0Shares

لاهور (بيورو) نيب شهباز شريف جي ٻنهي پٽن حمزا ۽ سلمان شهباز شريف کي 9 نومبر تي ٻيهر طلب ڪري ورتو. شهباز شريف جي گرفتاري کانپوءِ نيب لاهور جاچ جو دائرو وسيع ڪندي سندس ٻنهي پٽن حمزا ۽ سلمان شهباز کي هڪ دفعو ٻيهر 9 نومبر تي ٻيهر طلب ڪيو آهي. سلمان شهباز کي نيب اختيارين طلب ڪيو هو پر هاڻي حمزا شهباز کي به بيان ڏيڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. ٻنهي کي نيب 2 نومبر تي طلب ڪيو هو پر حمزا شهباز شهر ۾ سڪيورٽي صورتحال سبب جڏهن ته سلمان شهباز پرڏيهه ۾ دورن سبب پيش نه ٿي سگهيا. آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس ۾ گرفتار شهباز شريف خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ڪيس ۾ به آڏي پڇا ڪئي پئي وڃي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں