بيجنگ (م ڊ) پاڪستان ۽ چين ٻطرفي تعاون جي 15 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن ٻنهي طرفن کان چين پاڪستان اقتصادي راهداري رٿا تي اڳڀرائي تي به اطمينان جو اظهارڪندي چيو آهي ته لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين ڇنڇر تي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ انهن معاهدن ۽ مفاهمتن جي يادداشتن تي صحيحن جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان ۽ چيني وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ به موجود هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ زراعت ۽ اقتصادي ٽيڪنيڪي تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون ٻيلا، زميني سائنس، اليڪٽرانڪ مواد جي شعبي ۾ تعاون لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون پاڪستاني وفد ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، شيخ رشيد احمد خسرو بختيار علي زيدي ڄام ڪمال خان عبدالرزاق دائود جڏهن ته چيني وفد ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ زي سميت ڪابينه جا ڪجهه ميمبر شامل هئا. ان موقعي تي پاڪستان مان غربت ختم ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون اسلام آباد پوليس ۽ بيجنگ پوليس وچ ۾ تعاون جي معاهدي تي صحيحون به ڪيون ويون هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان ۽ چين ۽ سائنس اڪيڊمي وچ ۾ تعاون جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون ان کان سواءِ پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزير جي سطح تي تزويراتي ڳالهين لاءِ دستاويزن تي به صحيحون ڪيون ويون چين جي اڪيڊمي آف سائنس ۽ پاڪستان جي موسميات کاتي جي وچ ۾ تعاون جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون ان کان اڳ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون وزيراعطم 2 کان پنج نومبر تائين چين جي وزيراعظم جي دعوت تي چين جي پهرين سرڪاري دوري تي آهي ملاقات دوران روايتي جذبي ۽ گڏيل رضامندي ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو ويو چين جو عظيم عوامي هال پهچڻ تي وزيراعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو ويو هن ان موقعي تي گارڊ آف آنر جو معائنو به ڪيو ٻطرفي ملاقات دوران چيني وزيراعظم عمران خان کي پاڪستان جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ وزيراعظم طور چونڊ تي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته هر وقت ۾ حصيداري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ استحڪام لاءِ سي پيڪ جي خاص اهميت آهي، جڏهن ته سماجي ۽ معاشي شعبن ۽ روزگار ۾ اضافو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي چيئرمين لي زانگ زو وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات دوران گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته وزيراعظم چين طرفان مهمان نوازي تي به ٿورا مڃا ويا. وزيراعظم غربت جي خاتمي ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي لاءِ چيني حڪومت جي قدمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته غربت ۽ بدعنواني جي خاتمي، بهتر حڪمراني سان ئي چين ترقي جون منزلون حاصل ڪيون، اقتصادي ۽ صنعتي شهڪار ٻنهي ملڪن لاءِ اهم آهي، جڏهن ته پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ استحڪام لاءِ سي پيڪ جي خاص اهميت آهي. هن چيو ته اقتصادي زونز قائم ڪرڻ ۽ صنعتي ترقي جي روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، سماجي، معاشي شعبن ۽ روزگار ۾ اضافو حڪومت جي اوليت آهي. ٻئي طرف چيئرمين نيشنل پيپلز ڪانگريس لي زانگ زو چيو ته چين پاڪستان سان هر محاذ تي بيٺل رهندو ۽ لاڳاپن جي بهتري جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ وفدن جي مٽاسٽا اڻٽر آهي، پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ملندي، ان سلسلي ۾ سي پيڪ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟