حڪومت پاران وڳوڙي عنصرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو، خادم رضوي ۽ پير افضل سميت 600 ڄڻن تي ڪيس داخل

0Shares

اسلام آباد/لاهور (بيورو+م ڊ) حڪومت پاران احتجاج ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو خادم رضوي سميت سوين مظاهرين تي ڪيس داخل وفاقي حڪومت وڳوڙ ۽ فساد ڪرائيندڙ عنصرن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي مواصلات جي مملڪتي وزير مراد سعيد واضح ڪيو آهي ته نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽر ويز جي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو مواصلات جي مملڪتي وزير مراد سعيد چيو ته گهرو وزارت سميت وفاقي حڪومت جي ٻين کاتن مان ڀڃ ڊاهه ڪندڙن جي نشاندهي لاءِ مدد گهري ورتي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڀريل وڊيوز ۽ تصويرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو هن چيو ته پاڪستان جو آئين پرامن احتجاج جي اجازت ڏي ٿو مراد سعيد چيو ته احتجاج جي قيادت پاران انهن شرپسندن کان مڪمل لاتعلقي جو اعلان سٺي ڳالهه آهي مراد سعيد چيو ته احتجاج جي آڙ ۾ سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي اجازت نٿي ڏيئي سگهجي. مراد سعيد چيو ته انهن ملڪيت جي تعمير ۽ مرمت تي اربين رپين جا خرچ ٿيندا. هن چيو ته احتجاج جو فائدو وٺي قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان ڏيندڙن کي نه ڇڏينداسين. مراد سعيد چيو ته شرپسندن عنصرن جي نشاندهي ڪري کين ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. ٻئي طرف وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شرپسند عنصرن خلاف قدم کڻڻ جي ضرورت آهي اهو عارضي حل آهي اسان کي مستقل تلاش ڪرڻو پوندو انتهاپسندي خلاف قدم کڻڻ جي ضرورت آهي اسان جيڪو ڪجهه ڪيو صرف فائر فائٽنگ آهي حڪومت فوري طور جيڪو قدم کنيو اهو مسئلي جو حل ناهي. هوڏانهن گهرو وزارت پاران چيو ويو آهي ته شهرين کي نقصان پهچائيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي سوشل ميڊيا تي نفرت انگيز مواد ايلوڊ ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ٿيندي انتهاپسندي خلاف قدم اڻٽر آهن. ٻئي طرف آسيه کي آزاد ڪرڻ واري فيصلي کان پوءِ اسلام آباد ۾ تشدد جي مظاهرن ۽ قانون ٽوڙڻ تي ڪيس داخل ڪيا ويا ڇنڇر تي ترامڙي چوڪ تي مظاهري ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن جي خلاف ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا دهشتگردي، پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي ڪيس داخل ڪيا ويا ايف آءِ آر مطابق مڇريل مظاهرين سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت، سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ايف آءِ آر موجب گاڏين کي نقصان پهچائڻ کان روڪڻ تي مظاهرين سيڪيورٽي اهلڪارن تي حملو ڪيو ڪيسن ۾ مذهبي جماعتن جي 20 ڪارڪنن سميت 100 کان وڌيڪ اڻڄاتل ماڻهو نامزد ڪيا ويا.  هوڏانهن پوليس رستا بند ڪرڻ ۽ وڳوڙن جي الزام ۾ تحريڪ لبيڪ جي خادم حسين رضوي ۽ پير افضل قادري سميت 500 ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتا ڪجهه ڏينهن اڳ آسيه بي بي کي آزاد ڪرڻ خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه خادم حسين رضوي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو هو ۽ پاڻ لاهور ۾ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪئي هئي ذريعن موجب لاهور پوليس شهر ۾ رستا بلاڪ ڪرڻ ۽ وڳوڙ ڪرائڻ جي الزام ۾ 11 ايف آءِ آر داخل ڪيون آهن جڏهن ته افضل قادري ۽ خادم رضوي جي ايف آءِ آر سيل ڪئي ويئي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته تحريڪ لبيڪ جي ٻنهي اڳواڻن جي خلاف امن خراب ڪرڻ ۽ روڊ رستا بند ڪرڻ جو الزام آهي. ٻئي طرف گجرانوالا ۾ به 39 ڪيس داخل ڪيا ويا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں