مولانا سميع الحق جي قتل جو ڪيس داخل، تدفين، جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت

0Shares

نوشهرو (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق جي جنازي نماز نوشهره جي علائقي اڪوڙه خٽڪ جي خوشحال خان ڊگري ڪاليج ۾ ادا ڪئي ويئي تفصيل موجب مولانا سميع الحق جو مڙهه ايمبولينس جي ذريعي نوشهره جي خوشحال خان ڊگري ڪاليج جي ميدان ۾ آندو ويو مولانا سميع الحق جي جنازي نماز سندس پٽ حامد الحق پڙهائي مولانا سميع الحق جي نمازي نماز ۾ سڄي ملڪ جا سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ ۽ شهري وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا مولانا سميع الحق جي جنازي نماز ۾ گورنر ۽ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير، امير جماعت اسلامي سراج الحق، اڳوڻو گورنر اقبال ظفر جڳهڙا، اي اين پي جو وقتي صدر غلام بلور، (ن) ليگ جو اڳواڻ ظفرالحق، عظيم مقام، لياقت بلوچ ۽ سينيٽر مشتاق احمد خان به شريڪ ٿيا جنهن کان پوءِ مولانا سميع الحق جو مڙهه درالعلوم حقانيه جي اڳر ۾ سندس پيءُ جي پيراندي ۾ دفنايو ويو واضح رهي ته مولانا سميع الهق کي گذريل ڏينهن راولپنڊي ۾ سندس گهر ۾ چاقو جا ڪيترائي وار ڪري قتل ڪيو ويو هو.ٻئي پاسي مولانا سميع الحق جي جنازي جي نماز ۽ تدفين جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا ڊي آءِ جي مردان ڊويزن محمد علي گنڊاپور جنازي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ سيڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو ورتو ڊي پي او ۽ ٽن ايس پيز سميت 948 پوليس اهلڪار سيڪيورٽي جي ڊيوٽي تي مقرر رهيا. ٻئي طرف جمعيت علماءِ اسلام (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر مولانا سميع الحق جي پٽ مولانا عبدالحق حقاني جي فرياد تي نامعلوم جوابدارن خلاف ايئرپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي، جنهن جي متن مطابق مولانا صاحب کي سيني، منهن، ڪنڌ، دل، ڪن ۽ مٿي تي 10 کان 12 وار ڪيا ويا، جن مان وڏي مقدار ۾ رت پڻ نڪتو، حامد الحق ايف آءِ آر ۾ داخل ڪرايو آهي ته منهنجي والد کي اسلام ۽ پاڪستان دشمنن ناحق شهيد ڪيو آهي، اسان پوسٽ مارٽم نه ٿا ڪرايون، ڇو ته اهو غير شرعي آهي، متن مطابق مولانا سان سندس سيڪريٽري سيد ناصر شاهه گڏ هيو، جنهن آسيه ڪيس جي حوالي سان مظاهري ۾ شرڪت لاءِ آبپاره وڃڻو هيو، پر خبر نه هئي ته روڊ بند آه، هن جلسي ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ طبيعت خراب هئڻ سبب گهر ئي آرام ڪيو. واضح رهي ته مولانا سميع الحق کي گذريل ڏينهن راولپنڊي ۾ بحريه ٽائون سفاري ولاز ۾ واقع سندس گهر تي چاقن سان حملو ڪري قتل ڪيو ويو هيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں