ٽيم ثابت ڪيو ته ٽي ٽوئنٽي ۾ پهريون نمبر رکڻ جي حقدار آهي: احسان ماني

0Shares

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين احسان ماني قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي لاڳيتون يارهين ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ تي مبارڪ پيش ڪندي چيو آهي ته ٽيم ثابت ڪيو ته هو ٽي ٽوئنٽي ۾ نمبر ون رينڪنگ رکڻ جي حقدار آهي. تفصيل موجبپي سي بي چيئرمين احسان ماني قومي ٽيم جي لاڳيتو يارهين سيريز ۾ ڪاميابي تي چيو آهي ته ٽي 20 فارميٽ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ تي گهڻو خوش آهيان، سرفراز احمد، ڪوچ مڪي آرٿر ۽ ٽيم مبارڪ جا حقدار آهن. احسان ماني چيو ته اميد آهي ته پاڪستاني ٽيم مستقبل ۾ به ڪاميابين جو تسلسل برقرار رکندي، ڪپتان، ڪوچنگ اسٽاف، رانديگرن سان سهڪار جاري رکنداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں