شاهه رخ جي فلم عافيه ۾ ڪم ڪري رهي آهيان: انوشڪا شرما

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره انوشڪا شرما چيو آهي ته فلم زيرو ۾ مان عافيه نالي ناريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهيان، فلم ۾ منهنجي لاءِ هڪ بيمار ڇوڪريءَ جو ڪردار نڀائڻ ڪنهن چئلينج کان گهٽ نه هيو. هڪ انٽرويو ۾ انوشڪا شرما ٻڌايو ته فلم ”زيرو“ ۾ پنهنجي ڪم جي حوالي سان ٻڌايو ته مان ڪنگ خان جي فلم ۾ عافيه نالي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهيان جيڪا ”سيريبرل پيلسي“ نالي بيماري ۾ مبتلا هئڻ سبب پنهنجي پيرن تي بيهي نه ٿي سگهي. انوشڪا شرما چيو ته فلم ۾ منهنجي لاءِ اهو ڪردار نڀائڻ ڪنهن چئلينج کان گهٽ نه هيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں