شادي جي خبر ٻڌي دپيڪا کي ڀاڪر پائڻ چاهيان پيو: شاهه رخ خان

0Shares

 ممبئي( شوبز نيوز)  بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان فلم زيرو جي ٽريلر لانچ تي پنهنجي 53هين سالگرهه جو جشن پڻ ملهايو. ان موقعي تي هن خواهش جو اظهار ڪيو ته جڏهن هن دپيڪا جي شادي جي خبر ٻڌي ته هو کيس ڀاڪر پائڻ چاهي پيو. هندوستان ٽائيمز جي رپورٽ مطابق ٽريلر لانچ واري تقريب دوران انٽرويو ڏيندي شاهه رخ خان چيو ته جڏهن مون فلم نگري ۾ قدم رکيو، ان وقت مان سري ديوي ۽ ماڌوري سان اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. هن ٻڌايو ته جڏهن انهن اداڪارائن جي شادي ٿي ته ان وقت مان اداڪار بڻجي رهيو هئس، ان کانپوءِ ايندڙ نسل جي شادي ٿي ۽ هاڻي بالي ووڊ ۾ نئين نسل جون شاديون ٿي رهيون آهن، جنهن تي مون کي بيحد خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن مزاح واري انداز ۾ چيو ته مان سهڻين جي شادين تي خوش ئي ٿي سگهان ٿو، ڇاڪاڻ ته ظاهري ڳالهه آهي ته منهنجي به شادي ٿيل آهي. هن دپيڪا ۽ رنوير جي شادي تي به خوش جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته جڏهن مون اها خبر ٻڌي ته دپيڪا کي فون ڪري مبارڪ ڏني ۽ کيس ڀاڪر پائڻ چاهيان پيو، چاهيان ٿو ته هوءَ هميشه خوش رهي. هن چيو ته جڏهن ٻنهي جي شادي جو دعوت نامو آيو ته اسان سڀ گڏجي شادي جو جشن ضرور ملهائينداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں