راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان جو مذهبي اڳواڻ ۽ جمعيت علماءَ اسلام س جو سربراهه مولانا سميع الحق قاتلاڻي حملي ۾ شهيد، رپورٽ موجب راولپنڊي جي علائقي سفاري ولاز ۾ سندس گهر ۾ آرام ڪندي وقت مٿس ٻن اڻڄاتلن ڇرين جا وار ڪيا، جنهن ۾ مولانا سميع الحق زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، خانداني ذريعن پاران موت جي تصديق، سندس پٽ مولانا حامد الحق موجب سندس والد مٿان ڇرين جا وار ڪيا ويا، جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويو، ٻئي پاسي سندس اباڻي علائقي خيبرپختون خواهه جي علائقي اڪوڙا خٽڪ ۾ رهائش گاهه تي سوين عقيدت مند ۽ پوئلڳ گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا، جڏهن ته ذريعن موجب انتهائي هاءِ پروفائيل واقعي جي جاچ شروع ٿي وئي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران مختلف رخن کان جاچ ڪرڻ ۾ رڌل، ڪا به حتمي ڳالهه ڪرڻ وقت اڳ قرار ڏني وئي، جاچ بعد ڪو موقف ڏنو ويندو. مولانا سميع الحق تي حملي جو اطلاع گهريلو ملازم پوليس کي ڏنو پوليس کي ڏنل بيان موجب ملازمن سامان وٺڻ لاءِ ٻاهر ويل هو واپس اچڻ تي سميع الحق جي سيني تي چاقو لڳل هو ذريعي موجب مولانا سميع الحق جو گارڊ گهر کان ٻاهر موجود هو پر هو واقعي کان لاعلم رهيو پوليس ملازمن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ذريعن موجب مولانا سميع الحق گهر تي ڊرائيور ۽ هڪ ملازمن سان گڏ رهيو هو مولانا سميع الحق جي پٽ موجب والد گهر ۾ آرام ڪري رهيو هو ڊرائيور ۽ گن مين ٻاهر ويل هئا ۽ نامعلوم ماڻهن گهر اندر گهڙي قاچو سان حملو ڪري والد کي شهيد ڪيو. وزيراعظم عمران خان جو بيجنگ مان وفاقي وزير فيصل واوڊا سان ٽيليفونڪ رابطو، مولانا سميع الحق جي وارثن سان رابطي جي هدايت، وزيراعظم پاران ڏکويل خاندان سان همدرديون ونڊڻ ۽ کين مڪمل آٿت ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي، عمران خان جو چوڻ هو ته سميع الحق جي قتل ڪيس جي تحقيق بعد قاتلن جي گرفتاري لاءِ فوري طور ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته هن قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته انتهائي ڏکوئيندڙ واقعي جا ذميوار ڪنهن به صورت لڪي يا ڀڄي نه سگهندا، حڪومت پنهنجا سڀ وسيلا ڪتب آڻيندي. صدر عارف علوي به واقعي جي مذمت ڪئي آهي. جماعت اسلامي جي امير مولانا سراج الحق جي يو آءِ (س) جي سربراهه جي قتل کي اسلامي دنيا لاءِ هڪ سانحو قرار ڏيندي چيو ته ڪجهه عالمي قوتون پاڪستان ۾ امن نه ٿيون چاهين، مولانا جو قتل افغانستان، پاڪستان وچ ۾ هلندڙ ڳالهين کي ثبوت تاز ڪرڻ جي سازش آهي، هن نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته مولانا سميع الحق هڪ اعليٰ شخصيت جو مالڪ هو، سندس ڪيل خدمتون تمام گهڻيون آهن، هن پاڪستان ۾ امن لاءِ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو، حڪومت کي گهرجي ته سندس قتل جي واقعي جي جاچ شفاف نموني ڪرائي قاتلن کي پڌرو ڪري. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وفاقي وزير فواد چوڌري به واقعي جي مذمت ڪئي آهي. جي يو آءِ (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق جي قتل واري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته هو عالمن جو اثاثو هو، سندس موت هڪ وڏو صدمو آهي، مان سندس وڇوڙي تي انتهائي ڏکويل آهيان، سندس موت ملڪ لاءِ وڏو نقصان آهي، هن نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته سندس خاندان سان ڏک واري گهڙي ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪيان ٿو، جڏهن ته هي واقعو مذمت جوڳو آهي. مولانا سميع الحق جامعه دارالامعلوم حقانيه جو سنڀاليندڙ ۽ جي يو آءِ (س) جو سربراهه هو هو 18 ڊسمبر 1937ع تي اڪوڙه خٽڪ ۾ پيدا ٿيو هو دفاع پاڪستان ڪائونسل جو چيئرمين پڻ رهيو سينيٽ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي مولانا سميع الحق طالبان اڳواڻ ملا عمر جو استاد پڻ هو ايم ايم اي جو باني ميمبر ۽ حرعت المجاهدين جو به باني هو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟