اسلام آباد (بيورو) تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب، ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان، ٽي ايل پي ڌرڻن دوران مختلف ادارن ۽ شخصيتن جي باري ۾ استعمال ڪيل اڻ وڻندڙ ٻولي تي معذرت ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران ملڪ جي مختلف حصن ۾ هنيل ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، وفاقي حڪومت سان ڳالهين ۾ 5 نقاطي معاهدو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڌرڻا ختم ڪرڻ ۽ استعمال ڪيل اڻ وڻندڙ ٻولي تي معذرت پڻ ڪئي وئي آهي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا اهي ڌرڻا آسيه بيبي جي توهين مذهب ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آزادي ملڻ واري فيصلي خلاف هئا، جنهن سبب لڳ ڀڳ 3 ڏينهن کان ڪاروباري، تعليمي ۽ ٻيون عام زندگيءَ جون سرگرميون معطل هيون، ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، فيصل آباد، حيدرآباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال هئي، نجي ٽي وي چئنل پاران جاري ڪيل معاهدي جي ڪاپي موجب حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ اڳواڻن ۾ ڳالهين بعد 5 نقطن تي معاهدو ٿيو، جنهن ۾ حڪومت پاران معاهدي تي وفاقي وزير نورالحق ۽ راجا بشارت جون صحيحون ٿيل آهن معاهدي تحت ڌرڻن دوران جيڪڏهن ڪنهن جي شهادت ٿي آهيته انتي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. آسيه بيبي جي ڪيس ۾ نظر ثاني اپيل داخل ڪئي ويندي، سندس نالو اي سي ايل ۾ رکڻ جون ڪوششون ڪرڻ جو چيو ويو آهي، 30 آڪٽوبر تي گرفتار ٿيلن جي آزادي جو پڻ معاهدو ٿيو، جڏهن ته ٽي ايل پي اڻ وڻندڙ ٻولي تي پڻ معذرت ڪري ڇڏي آهي، معاهدي ۾ 2 ڏينهن اندر معاملي تي اڳڀرائي جو پڻ چيو ويو آهي.ڪراچي / لاهور / اسلام آباد (اسٽاف رپورٽر+ بيورو+ نمائندن وٽان) سپريم ڪورٽ طرفان مسيحي عورت آسيه بي بي کي بري ڪرڻ کانپوءِ مذهبي تنظيمن طرفان ٿيندڙ احتجاج ۽ شٽر بند هڙتالجي ڪال بعد ملڪ جي مختلف شهرن ۾ روڊ بند هئڻ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي. امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ تعليمي ادارا بند ۽ امتحان ملتوي ڪيا ويا، جڏهن ته اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور ۽ گوجرانوالا ۾ موبائيل فون سروس به صبح 8 وڳي کان سومهڻي تائين معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. تعليمي ادارن جي بندش سبب جيتوڻيڪ روڊن تي ماڻهن جي پيهه ۽ ٽريفڪ جي رش گهٽ رهي پر پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هئڻ ۽ هنڌ هنڌ روڊ بلاڪ هئڻ سبب آفيس ويندڙ ماڻهن کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي روڊ بند رهيا. ڪراچي ۾ 25 کان وڌيڪ هنڌن تي روڊ بند هئڻ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي. لاهور جي ڪيترن ئي علائقن ۾ رستا بند رهيا جنهن سبب شهرين کي آمدرفت ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. اسلام آباد ۾ فيض آباد انٽر چينج بند هئڻ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي. ڍوڪ ڪالا خان، ترامڙي ۽ ڪرال چوڪ تي به روڊ بند هئڻ سبب ٽريفڪ بلاڪ آهي. پشاور ۾ پير زڪوڙي ويجهو رنگ روڊ بند هئڻ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي. امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن موٽرويز کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو. موٽروي پوليس ترجمان موجب نيشنل هاءِ وي تي گجر خان ۽ راولپنڊي ويندر ٽريفڪ کي متبادل رستو ڏنو ويو. ترجمان موجب هاءِ وي تي ٽيڪسلا، سوها وه، دينا، سرائي عالمگير، گجرات، چن دا قلعا، مريدڪي، نٿي خالصا، ڪلما چوڪ، پڪا ميل، چونگ، مولن وال، لوهران، والا کهو، سندر ۽ مراڪا جي هنڌ تي به ٽريفڪ بلاڪ آهي. سڄي ملڪ وانگر ڪراچي ۾ به مذهبي جماعتن جي احتجاج سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ ۽ ڪاروهنوار ٺپ رهيو جڏهن ته سمورا تعليمي ادارا بند رهيا جمعي تي مذهبي جماعتن جي اپيل تي شهر جي 25 هنڌن تي احتجاج جاري رهيو شاهراه فيصل اسٽار گيٽ ۽ نمائش چورنگي تي، تين تلوار، ٽاور، رنڇوڙلين لياقت اباد 10 نمبر ناظم آباد 2 نمبر تين هٽي فورڪي چورنگي ۽ پاور هائوس چورنگي ڪورنگي اڍائي نمبر ڪورنگي پنج نمبر چمڙا چورنگي لانڍي نمبر 6 لانڍي ساڍا ٽي نمبر لانڍي نمبر 4 ۽ ڪورنگي ناصر جمپ تي به احتجاج الآصف اسڪوار فيوچر موڙ اورنگي ٽائون نمبر پنج سعيدآباد ۽ حب ريور روڊ سلطان آباد، پاڪ ڪالوني، ۽ بڙابورڊ تي به ڪيو ويو مذهبي جماعتن جي هڙتال جي اپيل سبب تعليمي ادارا ڪاروباري مرڪز ۽ اهم شاهرائون بند رهيون ٽريفڪ پوليس موجب اوڀر زون ۾ ٻن هنڌن اسٽار گيٽ ۽ نمائش تي مظاهرين موجود آهن اولهه زون اورنگي پنج سعيدآباد بلديه چار حب ريور روڊ، جناح برج بڙابورڊ ۽ ماڙيپور روڊ تي ٽريفڪ جي متاثر آهي، سائوٿ زون تين تلوار ٽاور رنچوڙ لائين ۽ رام سوامي شو مارڪيت تي احتجاج ڪيو ويو سهراب ڳوٺ لياقت آباد 10 نمبر نيو ڪراچي فورڪي نانگن چورنگي ناظم آباد ۽ سخي حسن به جزوي طور بند رهيا ملير فوڪي چورنگي زيرو پوائنٽ ۽ ملير هالٽ کان ماڊل جي ساڄي پاسي به مظاهرين موجود آهي ڪورنگي بلال چورنگي قيوم آباد فرنيچر مارڪيٽ لانڍي 89 ندي جا ٻئي رستا ۽ ڪورنگي اڍائي نمبر به بند رهيو سيڪيورٽي صورتحال سبب شهر جي اهم رستن ۽ اهم هنڌن تي پوليس بيهاري ويئي. ٻئي طرف ڄام نواز علي، ٻيراڻي، ڊگهڙي، ٽنڊوآڊم سجاول لاڙڪاڻو سکر ميرپورخاص حيدرآباد ڪڍڻ خانپورمهر ڪوٽڙي ٺٽو سامارو ميرپوربٺورو مورو ميهڙ ٽنڊومحمد خان ڀان سيد آباد ڀٽ شاهه دادو خيرپور ڌاٻيجي ٽنڊواليهار ڀريا سٽي هالا گمبٽ ڪڙيو گهنور راڻيپور شهدادپور سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مذهبي جماعتن پاران مظاهرا ڪيا ويا سڪرنڊ ڪوٽڏيجي، نوابشاهه ۾ به مظاهرا ڪيا ويا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟