اصغر خان ڪيس: سپريم ڪورٽ جو ايف آءِ اي کي جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس ثاقب نثار اصغر خان عملدرآمد ڪيس ۾ ايف آءِ اي کي 6 هفتن ۾ جا ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ اصغر خان عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. سينئر سياستدان جاويد هاشمي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته عدالت اسان کي گهرائي وٺي ٿي. چيف جسٽس چيو ته عدالت توهان کي نه گهرايو آهي. جاويد هاشمي چيو ته پوليس رات جو اٿاري نوٽيس تي مون کان صحيح ورتي ۽ مهرباني ڪيو آخر منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي. جاويد هاشمي چيو ته ڇا توهان کي اهو وقت ياد آهي جڏهن توهان منهنجو هٿ چميو هو، چيف جسٽس چيو ته توهان سڀني سامهون ٻڌائي ڇڏيو، هاڻي ته مان ڪيس ٻڌڻ لاءِ نااهل ٿي ويو آهيان.  هن چيو ته اصغر خان ڪيس جي فيصلي کانپوءِ  جاچ ايف آءِ اي کي ڪرڻي آهي، ايف آءِ اي کان جاچ جي رپورٽ گهري رهيا آهيون، جاويد هاشمي کي نوٽيس جاري نه ڪيو، سندس عزت ۽ احترام ڪريان ٿو، جڏهن ته ايف آءِ اي 6 هفتن ۾ جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪري.  لياقت جتوئي چيو ته مان جي آءِ ٽي جو حصو نه هيس، پوءِ بار بار نوٽيس ايندو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي عزت ۽ احترام جون گهرجون پوريون ڪري، شاهديون نه ٿيون ٺهن ته ايف آءِ اي ٻڌائي ڇڏي ته جيئن ماڻهن کي بري ڪيو وڃي، ماڻهن جي توهين نه ڪرڻي آهي، جنهن تي ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته اڃا تائين ڪنهن خلاف به ثبوت نه مليو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں