ماهره خان پاران گوگل ۽ فيس بڪ هيڊڪوارٽر جو دورو

0Shares

 واشنگٽن(شوبز نيوز) ماهره خان  جو نالو ان مشهور اداڪارائن ۾ شامل آهي، جيڪي بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪن ٿيون، هو هن وقت آمريڪا ۾ موجود آهي، جتي هن گوگل ۽ فيس بڪ هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو آهي. واضح رهي ته ماهره خان شوڪت خانم اسپتال جي ڪينسر بابت سفير آهي ۽ مختلف تقريبن ۾ ان حوالي سان آگاهي ڏيڻ سان گڏ اسپتال لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ واري ذميواري  به نڀائي رهي آهي. گوگل ۽ هيڊڪوارٽر جي دوري دوران ورتل تصويرون ماهره خان انسٽا گرام تي مداحن لاءِ شيئر ڪيون آهن.  تصويرون شيئر ڪندي ماهره خان شوڪت خانم اسپتال، فيس بڪ ۽ گوگل جا ٿورا مڃيا، جيڪي ڪافي عرصي کان ماڻهن ۾ ڄاڻ ۽ شعور پيدا ڪري رهيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو. ٻئي طرف فيس بڪ ۽ گوگل هيڊ ڪوارٽر ۾ ماهره خان انٽرويو به ڏنو. ماهره خان پهرين پاڪستاني اداڪاره آهي جنهن کي فيس بڪ ۽ گول هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں