ڳاڙهو رنگ ٻيهر زندهه ٿيڻ جي نشاني آهي: سونالي بيندري

0Shares

ممبئي(شوبز نيوز) ڪينسر جي موذي مرض جو شڪار ٿيل بالي ووڊ اداڪاره سونالي بيندري هڪ ڀيرو ٻيهر منظر عام تي اچي وئي آهي. سونالي بيندري تازو ئي بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا جي نيويارڪ ۾ رٿيل برائيڊل شاور جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پريانڪا جي برائيڊل شاور ۾ سونالي بيندري ڊگهي عرصي کانپوءِ ڳاڙهو جوڙو پهري شرڪت ڪئي. سونالي بيندري اها تصوير انسٽا گرام تي شيئر ڪندي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو. سونالي بيندري سڀ کان پهرين پريانڪا چوپڙا جي شادي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ لکيو ته مون کي تمام سٺو لڳي رهيو آهي ته مان پهريون ڳاڙهو جوڙو پهريو آهي. سونالي بيندري هيش ٽيگ ۾ اشارو ڪيو ته ڳاڙهو رنگ ٻيهر زندهه هجڻ جي نشاندهي ڪري ٿو. تصوير ۾ سونالي بيندري سان پريانڪا چوپڙا ۽ اڳوڻي اداڪاره نيتو سنگهه به موجود آهن. سونالي پريانڪا چوپڙا جي برائيڊل شاور جي تقريب کي هڪ شاندار شام قرار ڏنو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں