اسلام آباد(بيورو) وفاقي سرڪار آسيا بيبي ڪيس جي فيصلي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ هلندڙ مذهبي تنظيمن جا مظاهرا ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ڪميٽي جوڙي ڇڏي.رپورٽن مطابق وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان معاملو سهڻي نموني حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين واري ٽيم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن مطابق ڪميٽي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گهرو مملڪتي وزير شهريار آفريدي، مذهبي معاملن واري وزير نور الحق قادري ۽ فوڊ سيڪيورٽي واري وزير محبوب سلطان تي ٻڌل هوندي. ذريعن مطابق وفاقي وزير نور الحق ۽ محبوب سلطان مظاهرين جي قيادت سان ڳالهيون ڪندا ڳالهين جي نگراني وزيراعظم پاڻ ڪندو. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندي رستا بند ڪرڻ ۽ عوام کي تڪليف ڏيڻ جي اجازت نٿو ڏيان ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي احتجاج بنا جواز آهي وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شهريارآفريدي امن امان جي صورتحال تي ڄاڻ ڏني ڪابينه اجلاس ۾ يو اين امن مشن بابت پاڪ چين ٺاهه، ميجر جنرل فياض حسين شاهه جي آءِ جي ايف سي بلوچستان مقرري جي منظوري ڏني ويئي ڪابينه اجلاس ۾ ميجر جنرل راحت حسين جي آءِ جي ايف سي ڪي پي طور مقرري، ريڊيو پاڪستان بورڊ جي نئين سر تنظيم ۽ ايل اين جي ٽرمينلز جي ڊائريڪٽرز جي مقرري به منظوري ڏني ويئي وفاقي ڪابينه چيئرمين ويج بورڊ جي استعيفا منظور ڪئي ويئي. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسان نقصان نٿا چاهيون پر ڪير ان دوکي ۾ نه رهي ته رياست ڪمزور آهي، چاهيون ٿا تشدد جي ضرورت نه پئي، احتجاج ڪندڙن کي هڪ رستو ڏيڻ چاهيون ٿا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم گذريل ڏينهن صورتحال کي سامهون رکي تقرير ڪئي، حڪومتي ڪميٽي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ صدر شهباز شريف کي صورتحال بابت آگاهه ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي ۽ جيڪا به اسٽريٽجي ٺهندي، ان تي اپوزيشن سان صلاح ڪئي ويندي، جڏهن ته اپوزيشن به مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته اپوزيشن انهن معاملن تي ٻه فوڪل پرسن مقرر ڪيا آهن، اسان جي ڪوشش هوندي ته سڄي ملڪ جي سياسي قوتن کي گڏ کڻي هلون، اسان هڪ رياست آهيون، ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪجهه ماڻهو اٿي فيصلو ڪن هيءَ ڳالهه مڃينداسين يا هيءَ ڳالهه نه مڃينداسين. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم راتوڪي تقرير ۾ حڪومت جو نه رياست جو موقف سامهون رکيو آهي، اپوزيشن ۽ رياستي ادارا حڪومتي موقف جي پويان بيٺا آهن، جيڪي ماڻهو رياست جي رٽ کي اهڙي ريت چئلينج ڪندا، جيڪو بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿو ته کين ان جو حساب ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير موجب قانوني رستا سڀني لاءِ کليل آهن پر پاڪستان کي بنانا ريپبلڪ نه بڻجڻ ڏينداسين، جيڪڏهن اهي ٿورڙا به عقلمند آهن ته اشارو سمجهي وڃن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟