“ملڪ سڙي پيو ۽ وزيراعظم پارليامينٽ مان گم آهي” قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي عمران خان جي خطاب تي ڇتي تنقيد، وضاحت جو مطالبو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر  جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾  سپريم ڪورٽ پاران آسيا بي بي  بابت آيل فيصلي سميت مختلف قومي معاملن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد  شاهه چيو ته اڄ ملڪ ۾معمول واري زندگي متاثر آهي، هاءِ ويز ۽ رستا بند آهن. هن چيو ته وزير اعظم کي اڄ پارليامينٽ ۾اچڻ گهرجي ها  کيس پارليامينٽ مان ڀڄڻ نه گهرجي  . هن چيو ته اوهان ان اداري کان ڀڄو ٿا جيڪو اوهان کي طاقت ڏئي ٿو . هن چيو ته اسان اوهان جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا ،اسان اڄ نه ٿا چئون ته اوهان هلو ته اسان اوهان جي ڌرڻن ۾ اچون ٿا . خورشيد شاهه چيو ته اسان کي پنهنجي ادارن جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ائين نه ڪيو ته انارڪي پکڙجي ويندي . خورشيد شاهه چيو ته اسان ادارن ۽ رياست سان گڏ آهيون. هن چيو ته ڪنهن به سياستدان جي موقف ۾ تبديلي نه اچڻ گهرجي، سياستدان جيڪو اڄ ڳالهائي ٿو ان کي سڀاڻي به ان تي قائم رهڻ گهرجي . هن چيو ته ڪالهه کان جيڪو ٿي رهيو آهي ان تي گڏجي ويهڻ گهرجي . هن چيو ته حڪومت کي موجوده حالتن ۾ مخالف ڌر کي ساڻ کڻي هلڻ گهرجي ، اسان کي  پر تشدد حالتن مان ٻاهر نڪرڻ گهرجي .  وفاقي وزير  شفقت محمود چيو ته عمران خان تي ڪهڙِي ڳالهه تي تنقيد ڪئي پئي وڃي . هن چيو ته وزيراعظم ڪالهه 22 ڪروڙ عوام کي خطاب ڪيو پر افسوس جو ان معاملي تي سياست ڪئي وئي . هن چيو ته اسان ان معاملي تي سياست نه ٿا ڪرڻ چاهيون. شفقت محمود چيو ته کين ڏک ٿيوآهي ته عمران خان سان گڏ بيهڻ بدران ان تي تنقيد ٿي رهي آهي .   مسلم ليگ ن  جي اڳواڻ سعد رفيق خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم جيڪو پاڻ گهرو وزير به آهي ان کي اڄ اسيمبلي ۾ اچي پاليسي بيان ڏيڻ کپندو هو . خواجا سعد رفيق عمران خان جي خطاب جو حوالو ڏيندي چيو ته حڪمران جي حيثيت هڪ پيءُ جهڙي هوندي آهي ، ان جو ڳالهائڻ جارحاڻو نه هئڻ گهرجي . هن چيو ته ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته موجوده صورتحال ۾ ڪو به سياسي فائدو وٺڻ نه ٿو چاهي ، پر جنهن ڪارڊ کي ماضي ۾ استعمال ڪيو  ويو ، اهو ئي هاڻي اوهان جي خلاف استعمال ٿي رهيو  آهي . هن چيو ته ڪورٽ جي فيصلن تي تنقيد ٿيندي آهي پر ان تي ڌمڪيون نه ٿيون ڏئي سگهجن.  پاڪستان ۾ اڄ بحراني ڪيفيت آهي ، رستا بند آهن ۽ عوام پريشان آهي . مسلم ليگ جي اڳواڻ کيئل داس فاني پيٽروليم واري شين جي اگهن ۾ واڌ تي پنهنجي سخت رد عمل ۾ چيو ته عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ حڪومت پاران معمول بڻجي ويو آهي . هن چيو ته غريب عوام کي ڏکيائين ۾ ڌِڪڻ لاءِ مهانگائي جو نئون بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن . کيئل داس ڪوهستاني قومي اسيمبلي ۾ ميڊيا هائوسز پاران ورڪز دشمني تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پڻ جمع ڪرايو ويو . ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ هن چيو ته موجوده حڪومت جي اچڻ کانپوءِ ميڊيا هائوسز مان سوين ملازمن کي ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته هزارن کي ڪڍڻ جون تياريون هلي رهيون  آهن . ميڊيا جي ورڪرن جو معاشي قتلام ٿي رهيو آهي .  اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وزير علي محمد خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم سچو عاشق رسول آهي هو مديني پيرين اگهاڙي ويندو آهي . هن چيوته ايوان ۾ سڀئي عاشق رسول آهن ، حڪومت مخالف ڌر جي تجويزن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن اڄ وزيراعظم ايوان ۾ هجي ها ته کيس چوان ها قدم وڌايو، اسان توهان سان گڏ آهيون. اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ وزيراعظم جو قوم کي خطاب بحث هيٺ آيو. بلاول ڀٽو زرداري خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اميد هئي اڄ وزيراعظم ايوان کي اعتماد ۾ وٺندو، جيڪڏهن عمران خان هتي هجي ها ته کيس چوان ها قدم وڌايو، اسان توهان سان گڏ آهيون. هن چيو ته اسان جمهوريت، پارليامينٽ ۽ قانون جي حڪمراني سان گڏ آهيون ۽ هي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جو وقت آهي. سندس چوڻ هو ته اسان ڪنهن به سانحي کي برداشت نٿا ڪري سگهون، اميد هئي ته وزيراعظم ٻڌائيندو حڪومت جو پلان ڇا آهي؟ پر بدقسمتي سان هتي تعليم واري وزير جو ليڪچر ٻڌڻ لاءِ مليو. پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان سڙي رهيو آهي ۽ وزيراعظم پارليامينٽ مان گم آهي، ضروري آهي ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير پنهنجي ذميواري پوري ڪن. مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي قومي اسيمبلي ميمبرن کي آگاهه ڪيو آهي ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين ذريعي حل ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ قوم کي جلد خوشخبري ڏينداسين. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته ايوان ۾ ويٺل سڀني ميمبرن جي ايجنڊا انسانيت آهي، انسانيت ۽ روين جي نگراني جي ذميواري به ايوان جي آهي، تنهن ڪري انسانيت کي عزت ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته انسانيت سان جڙيل سمورن مذهبن ۽ فرقن کي پنهنجي عقيدي سان محبت آهي، هاڻوڪين حالتن ۾ سڄي قوم جي گڏجڻ سان ئي مسئلا حل ٿيندا. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم گذريل ڏينهن قوم کي خطاب ۾ رڳو هڪ پيغام ڏنو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هوندي ۽ اهو ئي نياپو هن ايوان مان سڄي دنيا کي ملڻ گهرجي. شهريار آفريدي موجب مسجد، مندر ۽ ٻين مقدس هنڌن جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي، ڪنهن کي به ڪنهن کان سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي، ڪير ڪنهن کي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته الله کي مڃيندڙ دنياوي بتن اڳيان ناهي جهڪندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته فيصلو حق ۾ اچڻ سان مٺايون ورهايون وڃن ۽ خلاف اچي تي عدالتن تي تنقيد ٿئي. هن چيو ته رستا بند ڪرڻ جي معاملي تي سمورن قانون لاڳو ڪندڙ اداران سان رابطي ۾ آهيون، فيصلو ٿيو آهي ته ڳالهه ٻولهه ذريعي معاملي جو حل ڪڍيو وڃي پر جيڪڏهن ڪير سوچي ٿو ته ڪلهو استعمال ڪري مقصد حاصل ڪندو ته ائين نه ٿيندو. مملڪتي گهرو وزير جي بقول وزيراعظم جي هدايت تي سڀني پارٽين جي نمائندن سان مليا آهيون، اپوزيشن سان گڏجي مسئلن جو حل ڪڍنداسين، ملڪ ۾ امن هوندو تڏهن ئي سڀ پارٽيون سڪون سان سياست ڪري سگهنديون.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں