اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس ثاقب نثار مسيحي عورت آسيه بي بي کي اڻپورن ثبوتن جي بنياد تي توهين رسالت جي ڪيس مان آزاد ڪرڻ جي فيصلي کان پوءِ ٿيندڙ تنقيد ۽ احتجاج تي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايمان ڪنهن جو گهٽنه آهي نبي پاڪ صلعم جي ناموس تي جان به قربان آهي پر ڪنهن جي خلاف ڪيس نٿو ٺهي ته ڪيئن سزا ڏيون فيصلو ڏيندڙ جج ڪنهن کان گهٽ عاشق رسول نه آهن خميس تي چيف جسٽس ثاقب نثار هي ريمارڪس سپريم ڪورٽ ۾ وقتي آءِ جي اسلام آباد جي مقرري جي حڪومتي درخواست تي ٻڌڻي دوران ڏنا چيف جسٽس چيو ته رسول پاڪ صلعم جي توهين ڪنهن لاءِ برداشت جوڳي نه آهي نبي پاڪ صلعم جي ناموس تي اسان پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر ڪنهن جي خلاف ڪيس ٺهي ئي نٿو ته ان کي سزا ڪيئن ڏيون هن واضح ڪيو ته ايمان ڪنهن جو گهٽ نه آهي اسان صرف مسلمانن جا قاضي نه آهيون چيف جسٽس چيو ته بئنچ ۾ ويٺل ڪيترائي جج درود شريف پڙهندا رهندا آهن آسيه بي بي ڪيس جو ذڪر ڪندي چيف جسٽس چيو ته فيصلو ڪلمي سان شروع ڪيو جنهن ۾ دين جو سمورو ذڪر به ڪيو آهي هن چيو ته فيصلو اردو ۾ انهيءَ ڪري جاري ڪيو ته جيئن قوم پڙهي چيف جسٽس ثاقب نثار هڪ ڪيس دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته جنهن بئنچ آسيه بي بي جو فيصلو ڏنو اها ڪنهن کان گهٽ عاشق رسول صلعم نه آهي ماڻهن کي اسان جو فيصلو پڙهڻ گهرجي ها چيف جسٽس چيو ته اسان الله جي ذات کي نبي صلعم جي ذات سان سڃاتو آهي ان کان سواءِ ايمان مڪمل نه آهي فيصلي کان پوءِ مختلف حلقن پاران احتجاج سبب چيف جسٽس چيو ته رياست امن امان لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪري جهڙوڪ رات وزرياعظم به چيو ته چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته نبي اڪرم صلعم تي ايمان کان سواءِ دين مڪمل نٿو ٿئي ڇا هاڻي هر شخص کي پنهنجي ايمان جو ثبوت ڏيڻو پوندو ذريعن موجب هن چيو ته عدالت پنهنجو فيصلو تبديل نٿي ڪري سگهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟