مذهبي جماعتن جو ملڪگير احتجاج، ڌرڻا، ڪيترائي شهر بند، روڊ ويران

0Shares

ڪراچي/اسلام آباد/لاهور (اسٽاف رپورٽر+بيورو+نمائندن وٽان)آسيه مسيح جي آزادي خلاف ڪراچي۾ٻي ڏينهن به ڌرڻوجاري،روڊن تي خاموشي،ڪاروباري مرڪز۽مارڪيٽون بند،زندگي جونظام مفلوج ٿي ويو،حڪومت ڌرڻوختم ڪرائڻ لاءِ حڪمت عملي تيارڪري ورتي،پوليس۽رينجرزکي روڊ ڪليئر ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي،مظاهرين ڇڙوڇڙنه ٿياته آپريشن به ڪري سگهجي ٿو،ذريعن موجب آسيه مسيح جي فيصلي خلاف ٻي ڏينهن به شهرجي اهم جاين تي ڌرڻن جو سلسلوجاري آهي،عاشقان رسول ڪنهن به صورت ۾ پوئتي هٽڻ لاءِ تيارناهن،آسيه مسيح جي آزادي جي فيصلي خلاف عوام۽ واپاري برادري به متحد نظرآئي،شهرجي ڪيترين ئي جاين تي ڪاروبارپاڻ ئي بند ڪيوويو،شهرجي روڊن تي خاموشي ڇانيل رهي،ٽريفڪ انتهائي گهٽ۽آفيسن۾حاضري به نه هجڻ جي برابر رهي،واپاري برادري سخت ردعمل جواظهارڪندي سڀ کان وڏي واپاري علائقي اولڊ سٽي ايرياجا سمورا مارڪيٽ بند ڪري ڇڏياجڏهن ته سنڌحڪومت ڪراچي سميت مختلف شهرن۾ احتجاج۽ڌرڻوختم ڪرائڻ لاءِ حڪمت عملي تيارڪري ورتي، اربع۽خميس جي وچ واري شام سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه ڊي جي رينجرز۽آءِ جي سنڌسان رابطوڪري ڌرڻن۽شهر۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي،سنڌ جي وڏي وزيرپوليس۽رينجرزکي هدايتون ڪيون آهن ته ڌرڻي وارن کي پرامن طورتي ڇڙوڇڙڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي،روڊ تان رڪاوٽون هٽايون وڃن۽ٽريفڪ جام ٿيڻ جومسئلوپيدانه ٿيڻ ڏنو وڃي،ذريعن موجب ڳالهه ٻولهه دوران ڌرڻن سان منهن ڏيڻ لاءِ آپريشن سميت ٻين آپريشنزتي به غورڪيوويو۽احتجاج ختم ڪرائڻ جي حڪمت عملي تيارڪئي وئي،مظاهرين کي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِچيوويندو۽ڇڙوڇڙنه ٿيڻ جي صورت ۾طاقت جي استعمال جوآپشن استعمال ڪيوويندو،ٻي طرف ڪراچي۾اڄ به خاموشي آهي شهرجي ڪيترن ئي علائقن۾پيٽرول پمپ به بند آهن،صبح جي وقت۾پبلڪ ٽرانسپورٽ روڊن تان گم نظرآئي جنهن سبب آفيس ويندڙن کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻوپيو۽ آفيسن۾حاضري انتهائي گهٽ رهي،صبح جي وقت۾شهرين جو وڏوتعداد بس اسٽاپن تي پريشان بيٺل رهيو.بسون نه هجڻ سبب رڪشه واراپنهنجي مرضي جاڪراياوصول ڪندارهيا،جڏهن ته آءِ جي سنڌمظاهرن۽ڌرڻن سان منهن ڏيڻ لاءِ پوليس کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي،آءِ جي سنڌسمورن ايس ايس پيز کي چيوآهي ته هوعلائقن۾نڪرن۽امن امان جي صورتحال کي مانيٽرڪن۽شهر۾سيڪيورٽي برقراررکڻ لاءِغيرمعمولي قدم کنياوڃن جنهن کانپوءِپوليس جي اضافي نفري حساس جاين تي مقررڪئي وئي جڏهن ته شهر۾گشت جوسلسلوبه شروع ڪيو ويوهيو. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ فيض آباد انٽرچينج، لاهور ۾ مختلف هنڌن تي ڌرڻا جاري رهيا. فيصل آباد، ملتان، قصور ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٻئي طرف ٻئي طرف سپريم ڪورٽ پاران آسيه بي بي بابت فيصلي کان پوءِ مذهبي جماعتن جي احتجاج سبب پنجاب سنڌ ۽ خيبرپختوخنواهه ۾ تعليمي ادارا بند رهيا جڏهن ته بلوچستان ۾ پڙهائي وارو عمل جاري رهيو تفصيل مطابق ڪراچي ۾ پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن پاران حالتن کي ڏسي خميس جي ڏينهن تعليمي ادارا بند رکيا ويا سڄي پنجاب ۾ به تعيليمي ادارا بند رهيا جڏهن ته پنجاب حڪومت جي ترجمان موجب صوبي جا سمورا ثانوي تعليمي بورڊز تحت 12هين جماعت جا ٿيندڙ پرچا به ملتوي ڪيا ويا جن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو تعليمي ادارن ۾ موڪل سبب لاهور جي رستن تي ٽريفڪ معمول کان گهٽ رهي پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن جي صدر موجب سڄي ويهاڙي ۾ سمورا اسڪول بند رهيا ملتان ۾ وفاقي تعليمي بورڊ تحت پنجين ۽ اٺين جماعت جا خميس ڏينهن ٿيندڙ امتحان ملتوي ڪيا ويا امتحان جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو راولپنڊي تعليمي بورڊ انٽر ميڊيڊٽ جا سپليمنٽري امتحان ملتوي ڪيا ويا بلوچستان جي حڪومت پاران اسڪول ۾ موڪل ڪوبه اعلان نه ڪيو ويو جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ ڪيٿولڪ بورڊ، پاڪ ترڪ اسڪول سميت ڪجهه خانگي اسڪولن جي انتظاميه اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں