مان گرفتار ٿي پنجاب ۾ مقبول ٿيڻ چاهيان ٿو: آصف زرداري

0Shares

اسلام آباد (بيورو) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن مان فالودي واري، برفي واري ۽ رڪشي واري جي اڪائونٽ ۾ پئسا رکرايا آهن ته منهنجي مرضي، اڳ ۾ کين اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اڪائونٽ مان کولرايو آهي ۽ پئسا مان رکرايا آهن، پوءِ جيڪڏهن رکرايا به آهن ته بئنڪ وارو ڦاسندو. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته روز چوندا آهن ڪڏهن کير وارو اچي ويو، ڪڏهن برفيءَ وارو اچي ويو، اڳ اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اڪائونٽ مان کولرايو، پئسا مان رکرايا پوءِ جيڪڏهن رکرايا به آهن ته مان ان تي پنهنجو بچاءُ ڪري سگهان ٿو. سندس چوڻ هو ته جنهن جي اڪائونٽ ۾ پئسا رکرايا ويا ان کي ئي خبر ناهي ته ڏوهه ان جو آهي، بئنڪ واري جو ڏوهه آهي، ڪيترن ئي ڪيسن کي منهن ڏنو آهي، گهڻي حد تائين قانون جي خبر آهي. اين آر او جي حوالي سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته ڪو معاملو ناهي، وزيراعظم عمران خان کي ڳالهائڻ جي عادت آهي، اسان چئي رهيا آهيون ته ايگزيڪيوٽو بڻجي وڃو، اپوزيشن اسان کي ڪرڻ ڏيو. آسيا بي بي جي آزادي واري فيصلي تي خيالن جو اظهار ڪندي سندس چوڻ هو ته ڪالهوڪي تقرير ۾ وزيراعطم پنهنجي حڪومت کي معاملي کان الڳ ڪري ڇڏيو ۽ ادارن کي اڳتي آڻي ڇڏيو، گهرو وزارت جو قلمدان وزيراعظم وٽ آهي، ان کي ڳالهيون ۽ ايڪشن وٺڻو پوندو، عمران خان کي گهرجي ته هو پاڻ اهو معاملو حل ڪرائي. آصف زرداري چيو ته مان گرفتار ٿي پنجاب ۾ مقبول ٿيڻ چاهيان ٿو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں