سپريم ڪورٽ توهين رسالت ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل آسيه بي بي کي ثبوت نه ملڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان توهين رسالت جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ماڻيندڙ مسيحي عورت آسيه بي بي کي مڪمل ثبوت نه هئڻ جي بنياد تي آزاد ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني خاص بئنچ توهين رسالت جي الزام ۾ موت جي سزا ماڻيندڙ آسيه بي بي جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو . اعليٰ عدالت پنهنجي فيصلي ۾ حڪم ڏنو ته آسيه بي بي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل ناهي تي کيس آزاد ڪيو وڃي. 56 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس ثاقب نثار تحرير ڪيو، جنهن جي شروعات ڪلمه شهادت سان ڪئي وئي جڏهن ته فيصلي ۾ ڪيئي قراني آيتون ۽ علامه اقبال جا شعر حوالي طور ڏنا ويا. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ باچا خان يونيورسٽي ۾ توهين جي الزام ۾ قتل ڪيل شاگرد مشعال خان جو به حوالو ڏنو. چيف جسٽس فيصلي ۾ لکيو ته اهي قانون جو مسلمه اصول آهي ته جيڪو شخص ڪليم( دعويٰ) ڪري ٿو ته ان کي ثابت ڪرڻ به ان جي ذميواري هوندي آهي، اها فريادي جي ذميواري هوندي آهي ته هو سموري ڪاورائي ۾ جوابدار جي ڪيل ڏوهه کي هر قسم جي شڪ ۽ شهبي کان هٽي ڪري واضح طور تي ثابت ڪري، سموري ڪاورائي دوران ڪيس ۾ جوبدار جي به ڏوهه هئڻ جي افواهه سدائين رهندي آهي، جيستائين فريادي ثبوتن جي بنياد تي هر طرح جي شڪ شهبي کان هٽي ڪري جوابدار جي ڪيل ڏوهه کي ثابت نه ڪري. عدالتي فيصلي موجب جتي به فريادي جي ڪهاڻي ۾ ڪو جهول هوندو آهي ته ان جو فائدو جوابدار کي ملڻ گهرجي، جيڪو فوجداري انصاف جي محفوظ فراهمي لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. جسٽس ثاقب نثار لکيو ته شڪ ڪيترو به مضبوط هجي، ڪنهن به طور تي فوجداري ڪيس ۾ ثبوت جي جاءِ نٿو والاري سگهي، جوابدار ۽ شاهد/ شڪايت گذار جي وچ ۾ اختلاف جي موجودگي ۾ عام طور تي ڏوهي يا بي ڏوهي هئڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ اعليٰ ترين معيارِ ثبوت جي ضرورت هوندي آهي،  جيڪڏهن فريادي جا شاهد جوابدار لاءِ مخالفت رکن ٿا ته ته اهو شڪ جي فائدي جي اصول جي بنياد تي بريت جو حقدار هوندو آهي. آخر ۾ چيف جسٽس پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته مٿي ذڪر ڪيل سببن جي بنياد تي اها اپيل منظور ڪئي ويندي آهي، اعليٰ عدالت ۽ شروعاتي ٻڌڻين جي عدالتي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويندو آهي. نتيجي طور درخواست گذار کي ڏنل سزا کي ڪالعدم قرار ڏنو ويندو آهي ۽ کيس سمورن الزامن کان آجو قرار ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ٻين فوجداري ڪيسن ۾ ان کي قيد رکڻ جو مقصد ناهي ته ان کي فوري طور تي جيل مان آزاد ڪيو ويندو .جسٽس آصف سعيد کوسا پنهنجي نوٽ ۾ لکيو ته ڪيس ۾ واقعي هر رخ بابت فريادي طرفان پيش ڪيل ثبوتن ۾ واضح ۽ يقيني تڪرار سان افسوس جوڳو  ۽ ناقابل انڪار تاثر قائم ٿيندو آهي انهن سمورن فردن، جن جي ذميواري ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ جاچ ڪرڻ هو، ملي ڀڳت سان اهو طئي ڪيو ته اهي سچ نه ڳالهائيندا يا گهٽ ۾ گهٽ سچ کي نروار ٿيڻ نه ڏيندا. هن وڌيڪ لکيو ته جيڪڏهن ڪيس ۾ درخواست گذار خلاف مڙهيل الزامن ۾ ٿوري به سچائي آهي، تڏهن به فريادي جي ثبوتن ۾ بيان ڪيل سنگين تڪرار واضح طور تي ظاهر ڪن ٿا ته ڪيس ۾ سچائي کي ڪيترن ئي اهڙين ڳالهين جوڙيو ويو، جيڪي سچ ناهن،واضح رهي ته 2009ع ۾ پنجاب جي ضلعي شيخوپوره ۾ اهو واقعو پيش آيو، جڏهن ٻنين ۾ ڪم ڪندڙن ٻن مسلم عورتن جو عيسائي عورت آسيه بي بي سان جهيڙو ٿيو، جنهن بعد آسيه بي بي تي الزام لڳايو ويو ته هن پيغمبر اسلام خلاف گٿا لفظ ڳالهايا آهن، جنهن بعد آسيه بي بي خلاف ڳوٺ جي امام مسجد قاري سلام پوليس وٽ ڪيس داخل ڪرايو، اي ايف آر موجب آسيه بي بي توهين مذهب جو اقرار به ڪيو. جنهن بعد 2010ع ۾ ٽرائل ڪورٽ آسيه بي بي توهين رسالت جي ڏوهه ۾ 295 تحت موت جي سزا ٻڌائي، جنهن کي هن 2014ع لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو، پر اتي به فيصلو برقرار رکيو ويو، ان بعد هن سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪيون هيون، جنهن تي سپريم ڪورٽ 8 آڪٽوبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں