آسيه بي بي بابت فيصلو آئين موجب آهي، شرپسند رياست کي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪن: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آسيا بي بي ڪيس ۾ ججن آئين موجب فيصلو ڏنو.  قوم کي پنهنجي چوٿين خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ ننڍي طبقي پنهنجو ردعمل ڏنو ۽ مختلف اختيارين کي قتل ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون، مديني جي رياست کانپوءِ پاڪستان اهو اڪيلو ملڪ آهي، جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو ۽ ان جو مطلب اهو آهي ته عدالت آئين موجب فيصلو ڏنو، آئين قرآن ۽ سنت موجب آهي. مختصر تقرير ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ آرمي چيف خلاف بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ملڪ دشمن عنصر ججن کي قتل ۽ فوج سان بغاوت لاءِ اڪسائي رهيا آهن، مان اهڙن عنصرن کي درخواست ٿو ڪيان ته رياست سان ٽڪراءُ نه ڪيو، ووٽ بئنڪ لاءِ ملڪ کي نقصان نه پهچايو، اهڙا عنصر حڪومت کي ڪو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪن، پاڪستان جو مقصد فلاحي رياست آهي، جيڪڏهن اها نه ٺاهينداسين ته پاڪستان جو مقصد مَري ٿو وڃي. هن چيو ته انسان جو تيستائين مڪمل ناهي، جيستائين پاڻ سڳورن سان غير مشروط محبت نه ڪري. عرام خان چيو ته ڪي ماڻهو فيصلي بعد ججن کي واجب القتل قرار پيا ڏين ۽ جنرلز کي آرمي چيف خلاف بغاوت لاءِ اڀاري رهيا آهن انهن کي رياست سان ٽڪراءُ کان پاسو ڪرڻ گهرجي فيصلي بعد ججن خلاف توهين جوڳي ٻولي ڳالهائي وئي اهڙي ماحول ۾ ڪهڙي حڪومت هلي سگهي ٿي جتي ڪو ماڻهو بيهي آرمي چيف کي غيرمسلم ۽ ججن جي قتل لاءِ اڀاري وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ من پسند فيصلا  نه ٿي ڪري ان جو طلب اهو ٿيو ته اهي ماڻهو فيصلا نه مڃيندا ۽ ملڪ کي جام ڪندا ان ۾ نه ملڪ قوم جو نقصان آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں