حڪومت عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو، تيل اگهن ۾ واڌ

0Shares

اسلام آباد (بيورو): حڪومت عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو، تيل اگهن ۾ واڌ خبر موجب وفاقي حڪومت عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائيندي تيل اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. اوگر ا پاران تيل اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب  پيٽرول جو اگهه  5 رپيا في ليٽر وڌايو ويو ۽ نئون اگهه 97.83 رپيا في ليٽر مقررڪيو ويو. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 6 رپيا 37 پئسا في ليٽر واڌ کانپوءِ 112 رپيا 94 پئسن جو ٿي ويو، لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 48 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ نئون اگهه 42 رپيا 44 پئسا في ليٽر مقررڪيو ويو. گاسليٽ جو اگهه 3 رپيا في ليٽر وڌايو ويو، نئون اگهه 86 رپيا 50 پئسا في ليٽر ٿي ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں