اسلام آباد (بيورو) پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زردري چيو آهي ته حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. قومي اسمبلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اسان حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، 5 سالن دوران اسان حڪومت سان سهڪار ڪنداسين، ميان صاحب سان به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين بلڪل اهڙي طرح هن حڪومت سان به ڪم ڪرڻ لاءِ آهيون پر شرط اها آهي ته جيڪو ڪم جو پيمانو هجي اهو انصاف تي ٻڌل هجي. آصف زرداري چيو ته اسان هڪ ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، جهموريت ۾ ڪمزوريون ضرور آهن، سڀ ويهي ڪري هڪ حل تجويز ڪيون جنهن سان اسان پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍي سگهون، جيڪڏهن اسان توجهه نه ڏينداسين ته مسئلا وڌندا ويندا. آصف علي زرداري چيو ته مان سي پيڪ جو نظريو سوچو، جيڪڏهن گوادر پورٽ کي ڪڍي ڇڏيو ته سي پيڪ جو ڇا ٿو ٺهي، پاڪستان جي ترقي جو سڀ کان ننڍو رستو سي پيڪ آهي پر اسان کي پاڪستان کي مضبوط بڻائڻو آهي. آصف علي زرداري چيو ته پاڻي جو مسئلو بنيادي طور تي انساني حقن جو معاملو آهي، ڪراچي جي آبادي 3 ڪروڙ آهي، جن مان هڪ ڪروڙ بهاري، بنگالي ۽ خيبرپختونخوا کان ايندڙ دوست آهن. آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي ته ڪڻڪ ۽ کنڊ جي درآمد ڪئي پئي وئي، اسان سنڌ ۾ دراوڙ ڊيم ٺاهيو، هڪ ايڪڙ تي تقريبن هڪ لک 24 هزار گيلن پاڻي هر فصل کي ڏيندا آهيون جيڪڏهن ايترو پاڻي فصل کي ڏنو وڃي ها ته ڪيترو پاڻي بچائي سگهجي پيو. آصف علي زرداري چيو ته هيلي ڪاپٽر جو تيل بچائڻ سان حڪومتون نه هلنديون آهن ، گڏ جي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو . هن چيو ته آمريڪا ۽ برطانيا ۾ به شفاف چونڊون نه ٿينديون آهن. آصف زرداري چيو ته اڄ 20، 25 سالن کان پوءِ خطاب ڪري رهيو آهيان،اسان هڪٻئي کي هيٺ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هي چئي رهيا آهن ته پاڪستان ٺاهڻو آهي، پاڪستان کي ٺهئي ستر سال ٿي ويا آهن. سندس چوڻ هو ته هر سياسي ڌر جي پنهنجي سوچ آهي، جمهوريت ۾ ڪجهه ڪمزوريون آهن، جمهوريت سڀ کان بهتر علاج آهي، هن چيو ته منهنجا لڳاتار چين جا دورا سي پيڪ لاءِ هئا، اوهان کي جيڪي 2، 3 بلين ڊالر مليا آهن اهي مسئلن جو حل ناهي، ملڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر کي گڏ ويهڻو پوندو. آصف زرداري چيو ته گڏجي ملڪ کي قرض کان ڪڍڻو آهي، پاڻي جو مسئلو انساني حقن جو مسئلو آهي هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته گڏجي اڳتي وڌون. سندس چوڻ هو ته ڊيمن جي معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏينداسين. هن چيو ته 20 سال جيل ڀوڳيو منهنجي خلاف ڪجهه به ثابت نه ٿيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟