جي آءِ ٽي سامهون سمورن شاهدن چيو ته گلف اسٽيل مل 1973ع کان 1974ع جي وچ ۾ قائم ٿي: واجد ضياءَ

0Shares

 اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي احتساب عدالت نمبر ٻه ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ جي تاحيات قائد نواز شريف خلاف فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت نمبر ٻه جو جج ارشد ملڪ ڪئي. نواز شريف جو وڪيل خواجه حارث فريادي ڌر جي اهم شاهد ۽ پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ کان آڏي پڇا ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران خواجه حارث جي سوال تي واجد ضياءَ عدالت ٻڌايو ته اهو صحيح آهي ته جي آءِ ٽي جي سامهون سمورن شاهدن چيو ته گلف اسٽيل 1973 کان 1974 جي وچ ۾ قائم ٿي. گلف اسٽيل جي معاملي تي جيترن ماڻهن کي گهرايو سڀني اهو چيو. هن چيو ته اهو درست آهي ته سمورن شاهدن چيو گلف اسٽيل جا 75 سيڪڙو شيئر 1978 ۾ عبدالله قائد اهلي کي وڪرو ڪيا ويا، اهو درست آهي ته سمورن ماڻهن چيو 75 سڪيڙو وڪرو ٿيڻ کانپوءِ گلف اسٽيل جو نالو تبديل ڪيو ويو. واجد ضياءَ چيو ته اهو به درست آهي ته سمورن شاهدن موجب گلف اسٽيل جو نالو اهلي اسٽيل مل رکيو ويو، سمورن ماڻهن اهو ئي چيو ته باقي 25 سيڪڙو شيئر پڻ 1980 ۾ عبدالله قائد اهلي کي وڪرو ٿيا. فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ٽه ڪلاڪ دير سان شروع ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي خواجه حارث جي دير سان پهچڻ سبب دير جو شڪار ٿي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ خواجه حارث چيو ته گذريل ڏينهن بيان ۾ هڪ ٽائيپنگ غلطي رهجي وئي هئي، درست ڪرائڻ چاهيون ٿا، خواجه حارث ٽائيپنگ جي غلطي درست ڪرائڻ واري درخواست عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں