آسيه بي بي جي آزادي خلاف مذهبي جماعتن جو ملڪگير احتجاج، ڌرڻا

0Shares

اسلام آباد/ڪراچي (بيورو+ اسٽاف رپورٽر+ نمائندن وٽان)  سپريم ڪورٽ طرفان آسيا بي بي کي آزاد ڪرڻ جي حڪم کانپوءِ ڪراچي سميت ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مذهبي جماعتن جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو. عدالت عظميٰ جو فيصلو ايندي ئي مذهبي جماعتن جا ڪارڪن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي سنگم فيض آباد تي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، اهل سنت والجماعت جي ڪارڪنن اسلام آباد جي علائقي آبپارا کي بند ڪري ڇڏيو ۽ حڪومت مخالف نعريبازي سان گڏوگڏ عدليا کي به تنقيد جو نشانو بڻايو. تحريڪ لبيڪ پاڪستان شيخوپورا ۽ قصور شهر ۾ احتجاج ڪندي مختلف علائقا بند ڪري ڇڏيا. لاهور ۾ موٽر وي تي احتجاج ڪندي بابو صابو، فيض پور، شيخوپورا ۽ ڪالا شاهه ڪاڪو انٽرچينج کي بند ڪيو ويو، ان سان گڏوگڏ اوڪاڙا، رينالا خورد، پتوڪي، مانگا منڊي، موهلنوال ۽ پڪا ميل ۾ به هاءِ وي بند ڪيو ويو. سرگوڌا ۾ به سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ عالمن شهر ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي 12 بلاڪ چوڪ تي احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي دڪان بند ڪرايا ويا، جڏهن ته صورتحال خراب ٿيڻ تي اسڪولن جي موڪل ڪئي وئي. پنجاب حڪومت صورتحال کي ڏسندي سڄي صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، جيڪو 31 آڪٽوبر کان 10 نومبر تائين رهندو. مال روڊ تي مذهبي جماعت جي ڌرڻي سبب پنجاب اسيمبلي جي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي ۽ رينجرز جي دستن پوزيشن سنڀالي ورتي، جڏهن ته اسيمبلي جو مک گيٽ بند ڪيو ويو. ڪراچي ۾ مذهبي جماعتن پاران سڄي شهر ۾ روڊن تي رڪاوٽون وجهي مظاهرا ڪيا ويا لاڙڪاڻو حيدرآباد سکر ٻهارا سجاول ٺٽو دڙو ميهڙ ڪنڊيارو گهارو نوري آباد گولاڙچي  نوابشاهه گجو شاهبندر گهوٽڪي ٽنڊوالهيار دوڙ ٽنڊوآدم شڪاپور  ڪنڌڪوٽ سجاول ڊگهڙي سانگهڙ ٽنڊو محمد خان بدين ڄامشورو دادو ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں