شريف ڀائرن جو اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو، ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ حڪومت خلاف فوري احتجاجي تحريڪ نه هلائڻ تي اتفاق

0Shares

اسلام آباد (بيورو) مسلم ليگ  (ن)  جو تاحيات  قائد نوازشريف  ۽ پارٽي صدر شهبازشريف پاران جمعيت علماءِ اسلام (ف)  جي سربراھ مولانا فضل الرحمان طرفان گهرايل  آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  تاهم  پارٽي جو هڪ وفد  اي  پي سي ۾ شرڪت  ڪندو. اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف اڄ  پارٽي  جي مشترڪه پارلياماني  اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پارليامينٽ هائوس پهتو ته اپوزيشن ليڊر  شهبازشريف گيٽ وٽ پهچي نوازشريف کي  گلي لڳائي ورتو.  نوازشريف ۽ شهبازشريف اپوزيشن ليڊر جي چيمبر جي ڀرسان ڪمري ۾ ويا، حمزه شهباز، راجه ظفر الحق، خواجه  آصف، پرويز رشيد، مريم اورنگزيب ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ به موجود هئا.  هوڏانهن پارٽي اڳواڻن سان مشاورت  بعد نوازشريف ۽ شهبازشريف پاران  اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.،  جڏهن ته راجا ظفرالحق جي سربراهي ۾ پارٽي وفد شرڪت ڪندو.  جڏهن ته اڳوڻي  وزيراعظم نوازشريف پ پ اڳواڻ خورشيد شاھ سان پڻ ملاقات  ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ  ۾ حڪومت خلاف فوري طور احتجاجي تحريڪ نه هلائڻ تي اتفاق  ڪيو. ان موقعي تي خورشيد شاھ چيو ته تحريڪ انصاف قيادت  مڪمل طور نااهل آهي،  ان کي پاڻ ئي وائکو  ٿيڻ ڏنو وڃي، جيڪڏهن فوري ڪنهن قسم جو احتجاج ڪيو ويو ته عوام ۾ اپوزيشن جو منفي  تاثر ويندو.  مسلم ليگ  (ن) ڄاڻايو ته نوازشريف پ پ جي حڪومت خلاف تحريڪ نه هلائڻ واري تجويز سان اتفاق ڪيو آهي، وڌيڪ چيو ويو ته حڪومت خلاف 6 مهينن بعد پارليامينٽ ٻاهران احتجاج  ڪيو ويندو. اهڙي طرح  پاڪستان پيپلزپارٽي  ۽ ن ليگ  حڪومت خلاف  فوري احتجاج تحريڪ نه هلائڻ تي متفق  ٿي ويون آهن جنهن ڪري مولانا فضل الرحمان جي احتجاج واري آل پارٽيز  ڪانفرنس گهرائڻ  جي خواهش محدود ٿيڻ لڳي آهي.  ذريعن موجب    پيپلزپارٽي  پنهنجي موقف اختيار  ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ  قيادت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي  ان کي بي نقاب ٿيڻ ڏنو وڃي. اهڙي طرح نوازشريف ۽ شهبازشريف پاران پيپلزپارٽي جي تجويز تي نيم رضامندي  ظاهر ڪئي آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان پاران اگر  آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي)  گهرائي به وئي ته ٻنهي  پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ قائد شرڪت نه ڪندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں