حڪومت جي تبديلي واري پت وائکي، 15 کان 20 سرڪاري ادارن کي خانگائڻ جو فيصلو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) نجڪاري ڪميشن بورڊ 5 سالن جي نجڪاري پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ 15 کان 20 سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فهرست اڄ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. نجڪاري ڪميشن بورڊ جو اجلاس چيئرمين ميان محمد سومري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ فعال نجڪاري پروگرام جي فهرست ۾ شامل ادارن جي حوالي سان جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران پي آءِ اي ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي نجڪاري في الحال روڪي وئي، جڏهن ته اسٽيٽ لائف ۽ ايڇ بي ايف سي جي نجڪاري جي منظوري ڏني وئي. ايس ايم اي بئنڪ ۽ فرسٽ وومين بئنڪ نجڪاري جي فهرست ۾ شامل آهن. نجڪاري ڪميشن بورڊ جي چيئرمين ميان محمد سومري چيو  ته پرائيويٽائز ٿيندڙ ادارن جي ملازمن کي بيروزگار نه ڪيو ويندو، پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز جي نجڪاري کي في الحال روڪيو ويو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں