جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس: جي آءِ ٽي کي معلومات ملڻ لڳي، رپورٽ جو اتنظار آهي: چيف جسٽس

0Shares

 اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار ڪوڙن اڪائونٽن واري ڪيس جي ٻڌني دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جي آءِ ٽي کي معلومات ملڻ لڳي آهي ۽ هاڻ رپورٽن جو انتظار ڪري رهيا آهيون. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل بشير ميمڻ عدالت کي ٻڌايو ته اومني گروپ جا 11 ارب 29 ڪروڙجا اثاثا بئنڪن وٽ گروي آهن. چيف جسٽس اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد جي پٽ نمر مجيد بابت پڇاڻو ڪيو ته ڇا هو آيو آهي. چيف جسٽس چيو ته نمر مجيد کي گرفتار ناهي ڪرايو، ڇاڪاڻ جو ڪاروباري ۽ بئنڪن جي قرضن جا معاملا آهن، هن وقت بئنڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي، اهو توهان کي پورو ڪرڻو آهي. اومني گروپ جي وڪيل منير ڀٽي چيو ته اسان بئنڪن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، 10 ڏينهن جو وقت ڏيو، اومني گروپ جي ٻئي وڪيل خواجه نويد عدالت کان استدعا ڪئي ته اومني گروپ جا پيسا بئنڪ ۾ منجمد آهن ۽ قرض اتان کان ادا ڪرايو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته في الحال ان باري ۾ ڪو به حڪم جاري نه ڪنداسين. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں