رنوير سنگهه جي سيف جي پٽ سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند

0Shares

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه سيف علي خان جي پٽ سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب رنوير سنگهه ڪرن جوهر جي ٽاڪ شو ڪافي ود ڪرن ۾ اڪشي ڪمار سان گڏ شرڪت ڪئي. جنهن ۾ ان کان سوال پڇيو ويو ته توهان کي سلمان خان، عامر خان ۽ شاهه رخ خان مان وڌيڪ ڪير پسند آهي؟ جنهن تي رنوير سنگهه تيمور علي خان جو نالو ورتو. رنوير سنگهه اڄڪلهه فلم سمبا لاءِ تياريون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اداڪار 10 نومبر تي دپيڪا پدڪون سان گڏ شادي ڪندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں