ننڍي کنڊ جي ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار جي طبيعت بگڙجي وئي

0Shares

ممبئي ( شوبز نيوز ) ننڍي کنڊ جي ليجنڊري اداڪار يوسف خان عرف دليپ ڪمار جي جي طبعيت هڪ ڀيرو وري خراب ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن جي ٽيم اداڪار جو سندس گهر ۾ ئي علاج ڪري رهي آهي. ڀارتي ميڊياجي رپورٽن موجب بالي ووڊ جي جذبن جي اظهار جي بي تاج بادشاهه دليپ ڪمار جي هڪ ڀيرو وري طبعيت خراب ٿي پئي، ڊاڪٽرن موجب اداڪار کي اهو انفيڪشن آخري ڀيرو ٺيڪ ٿيڻ باوجود نمونيا جا ڪجهه جيوڙا رهجي وڃڻ سبب ٿيو آهي، اداڪار کي گذريل هڪ مهيني کان خوراڪ به نلڪي ذريعي ڏني پئي وڃي، جنهن سبب هو ڪمزوري جو شڪار پڻ ٿي ويو آهي. واضح رهي ته گذريل ڪجهه ورهين دوران دليپ ڪمار جي صحت تيزي سان بگڙي رهي آهي جنهن سبب کيس ڪيئي دفعا اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں