اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ شهباز شريف ۽ آصف زرداري جي گڏجي انٽري ميمبرن حيران ٿي ويا ن ليگ جو شهبازشريف کي ايوان ۾ دير سان آڻڻ تي بائيڪاٽ احتجاج نيب طرفان مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي دير سان پارليامينٽ ۾ هائوس ۾ پهچائڻ تي مسلم ليگ ن طرفان قومي اسيمبلي جي اجلاس بائيڪاٽ ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ شروع ٿيو جنهن ۾ ننڍي چونڊ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن حلف کنيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کان حلف ورتو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر طرفان پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ جي باوجود شهباز شريف کي ايوان ۾ دير سان آڻڻ تي مسلم ليگ ن قومي اسيمبلي جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته نيب وارا ته مون کي آڻڻ نه پيا چاهن، ڪڏهن چون ته جهاز موجود ناهي ته ڪڏهن ڪو ٻيو بهانو. شهباز شريف چيو ته منهنجي زور ڏيڻ تي هي مون کي هتي وٺي آيا. شهباز شريف پارليامينٽ هائوس مان قومي اسيمبلي ۾ موجود پنهنجي چيمبر ۾ هليو ويو جتي مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جي ساڻس ملاقات ٿي، ملاقات ۾ خواجا آصف، خواجا سعد رفيق، مريم اورنگزيب ۽ ٻيا پارٽي جا اڳواڻ به موجود هئا. قومي اسيمبلي شهباز شريف ۽ آصف زرداري گڏجي داخل ٿيا ته ميمبر حيران ٿي ويا ايوان ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ شهباز شريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي ٻئي ڄڻا مسڪرائيندا ۽ ڳالهيون ڪندا ايوان ۾ داخل ٿيا صحافين آصف زرداري کان سوال ڪيو ته ڇا ملاقات ۾ اي پي سي ۾ شرڪت بابت ڪا اڳڀرائي ٿي ان تي آصف زرداري چيو ته اڃا تائين ڪابه اڳڀراي ناهي ٿي شهباز شريف ان بابت هڪ سوال جي جواب چيو ته منهنجي زرداري صاحب سان ملاقات ٿي آهي پر هڪ ٻئي جي خيرت معلوم ڪئي اي پي سي ۾ شرڪت بابت مشورو ڪري ٻڌائينداسين ٻئي طرف شاهه محمود قريشي ن ليگ ميمبرن جو بائيڪاٽ ختم ڪرائڻ ايوان ۾ وٺي آيو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان کي شهباز شريف جي اچڻ تي ڪوبه اعتراض ناهي ن ليگ وارن کي ايوان ۾ اچي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي اپوزيشن ۽ حڪومت کي گڏجي ويهي فيصلو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته پارليامينٽ کي ڪهڙي نموني هلائڻو آهي پ پ ميمبرن خورشيد شاهه ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڻي ورڇ ۾ سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي پاڻي کوٽ جو ڪراچي تي به اثر پوي ٿو پاڻي کوٽ آهي ته ورڇ به برابر ٿيڻ گهرجي پاڻي بنيادي مسئلو آهي وفاق کي صوبن کان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ڪراچي ۾ ڪي فور رٿا جو حل ڪڍيو وڃي. ڪراچي کي 12 ملين ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ گهرجي پي ٽي آءِ جي محمد علي چيو ته هي ايوان سڄي ملڪ جي تحفظ جي امين آهي سنڌ حڪومت پاڻي جي دستيابي بابت ڪم ڪيو هوندو وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت جي مدد ڪرڻ چاهي ٿي پاڻي جي فراهمي کان وڌيڪ مسئلو ورڇ جو آهي پاڻي رڳو صوبن نه پر پوري ملڪ جو مسئلو آهي شاهه محمود قريشي چيو ته ڪراچي جا شهري ٽينڪرن تي گذارو ڪري رهيا آهن ماضي جي حڪومت پاڻي مسئلي تي ڌيان نه ڏنو پاڻي ڪنهن هڪ صوبي نه پر پوري پاڪستان جو مسئلو آهي پاڻي صوبن ۾ مرڪز جي ويڙهه ناهي پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو علي امين گنڊاپور ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو ايوان منظور ڪري ورتو قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڪشميرين تي ڀارت ظلم جي مذمت ڪري ٿو عالمي برادري ڀارتي جارحيت جو نوٽيس وٺي ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائڻ موجب حل ٿيڻ گهرجي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟