هڪ وزير جي سفارش تي آءِ جي کي هٽايو ويو، ڇا هي نئون پاڪستان آهي: سپريم ڪورٽ

0Shares

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس پاڪستان آءِ جي اسلام آباد جي بدلي جو نوٽس ورتو، سپريم ڪورٽ ۾ چيف جستس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ سومر ڏينهن هڪ ڪيس جي سماعت دوران چيف جسٽس انسپيڪٽر جنرل پوليس اسلام آباد جان محمد جي بدلي جو نوٽس ورتو، چيف جسٽس پاڪستان ان معاملي تي گهرو سيڪريٽري ۽ اٽارني جنرل کي فوري عدالت طلب ڪيو جسٽس ثاقب نثار چيو ته اٽارني جنرل ۽ گهرو سيڪريٽري ٻڌائي ته ڪهڙن سببن جي نالي تي آءِ جي کي گذريل ڏينهن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته اسان کي اهو معلوم ٿيو آهي ته وزير جي سفارش تي آءِ جي جي بدلي ڪئي وئي آهي، اسان ادارن کي ڪمزور نه ٿيڻ ڏينداسين ۽ پوليس ۾ سياسي مداخلت به برداشت نه ڪنداسين، قانون جي حڪمراني قائم ٿيندي، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته اسان کي اهو به پتو پيو آهي ته ڪهڙي وزير جي پٽ جو مسئلو هيو ان سبب کان آءِ جي کي هٽايو ويو، سپريم ڪورٽ آءِ جي اسلام آباد جان محمد جمالي جي بدلي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو چيف جسٽس چيو ته هڪ وزير جي سفارش تي آءِ جي کي هٽايو ويو، ڇا هي نئون پاڪستان آهي سڀ رياست جا ملازم آهن غيرقانوني حڪم نه مڃيو وڃي اٽارني جنرل ٻڌايو ته آءِ جي کي زباني حڪم تي بدلي ڪيو ويو، چيف جسٽس چيو ته پوليس ۾ سياسي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي. واضع رهي ته گذريل ڏينهن آءِ جي اسلام آباد جان محمد کي اوچتو عهدي تان هٽايو ويو ۽ ان بابت اطلاع سامهو آيا آهن ته آءِ جي کي هڪ وفاقي وزير جي هدايت نه مڃڻ تي هٽايو ويو، ياد رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت پنجاب جي آءِ جي پوليس طاهر خان کي هڪ مهينو 2 ڏينهن بعد ئي تبديل ڪيو هيو ۽ ان جي جاءِ اڳوڻي آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي کي مقرر ڪيو هيو، ان کانسواءِ ڊي پي او پاڪپتن رضوان گوندل جي به اوچتو بدلي ڪئي وئي هئي، جنهن تي چيف جسٽس پاڪستان پاڻمرادو نوٽس  ورتو هيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں