عمر ان فاروق قتل ڪيس ۾ متحده باني جي گرفتاري لاءِ انٽرپول سان رابطي جو فيصلو

0Shares

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي گهرو وزارت عمران فاروق قتل ڪيس ۾ نامزد ايم ڪيو ايم جي باني جي حوالگي لاءِ برطانيا سان رابطو ڪرڻ جي ايف آءِ اي جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. ايف آءِ اي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري ونگ جي سربراهه مظهر الحق ڪاڪا خيل جي منظوري سانڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي باني جي پاڪستان حوالگي لاءِ گهرو وزارت کي هڪ درخواست موڪلي جنهن کي وزارت منظور ڪيو آهي. ذريعن موجب گهرو وزارت جي منظوري کانپوءِ هاڻي اها درخواست پرڏيهي وزارت کي موڪلي ويندي جيڪا ايم ڪيو ايم جي باني جي حوالگي لاءِ برطانوي پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪندي ۽ کين باضابطا درخواست به ڏني ويندي. ذريعن موجب ايف آءِ اي جي درخواست سان عمران فاروق قتل ڪيس جو چالان ۽ جي آءِ ٽي رپورٽ سميت ٻين دستاويز به ڳنڍيا ويا آهن. گهرو وزارت متحده باني جي ريڊ وارنٽن لاءِ انٽرپول سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي، ايف آءِ اي درخواست منظور ٿيڻ بدع ريڊ وارنٽن لاءِ انٽرپول کي خط لکندي متحده باني جي حوالگي لاءِ لاڳاپيل دستاويز پڻ اماڻيا ويندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں