گذريل حڪومتن جي غلط پاليسين ملڪ کي هن صورتحال تائين پهچايو: وزيراعظم عمران خان

0Shares

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ لاءِ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو نالو رد ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ وزيراعظم جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عمران خان ميمبرن کي سعودي عرب جي دوري بابت آگاهه ڪندي ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ حڪومتي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ ورتو. ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته ميمبر پنهنجي تڪن ۾ حڪومت جي هاڪاري پاليسي کي اجاڳر ڪن، گذريل حڪومتن جي غلط پاليسين پاڪستان کي هتي اچي بيهاريو آهي، ملڪ کي بحران مان ڪڍي ترقي جي رستي تي آڻڻ لاءِ سڀ کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ميمبرن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو نالو رد ڪري ڇڏيو. اتفاق ڪيو ويو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي لاءِ پارٽي چيئرمين صلاح مشوري سان غير جابندار شخصيت جي چونڊ ڪندو، ان ڏس ۾ ٻين پارٽين کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ادارن جي مڪمل آزادي ۽ احتساب جو عمل جاري رکيو ويندو. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي نئين سر تنظيم سازي کانپوءِ نون عهديدارن جو به اعلان ڪيو ويو ۽ عليم خان کي سينٽرل پنجاب جي صدارت تان هٽايو ويو. نين مقررين موجب اعجاز چوڌري کي پي ٽي آءِ جو مرڪزي ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، گڏوگڏ اتر، سينٽرل ۽ اولهه پنجاب جي نون صدرن جو اعلان ڪيو ويو. غلام سرور خان کي اولهه پنجاب جو صدر مقرر ڪيو ويو، عمر ڊار کي سينٽرل پنجاب جي قيادت جي ذميواري ڏني وئي، جڏهن ته انجنيئر عطاالله شادي خيل کي اتر پنجاب جي صدر جو عهدو ڏنو ويو. پارٽي سربراهه عمران خان جي منظوري کانپوءِ تبديلين جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں