سپريم ڪورٽ جو بني گالا ۾ ملڪيتون ريگيولرائيز نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، عمران کي ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ بني گالا ۾ غيرقانوني اڏاوتن واري ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي پنهنجو گهر ريگيولرائيز ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي هيٺ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ اسلام آباد جي بني گالا ۾ غيرقانوني اڏاوتن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت بني گالا ۾ ملڪيتن جي ريگيولرائيزيسن نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو وزيراعظم عمران جي نمائندگي ڪندڙ وڪيل بابر اعواڻ کي چيو ته وزيراعظم کي ٻڌايو ته ريگيولرائيزيشن ڪرائي، ليڊر کي مثال قائم ڪرڻي پوندي آهي هي سڀ توهان لاءِ سٺو نه هوندو. چيف جسٽس چيو ته 10 ڏينهن جو وقت ڏنو هو، اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي نه ڇو نه ٿي آهي؟ جنهن دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل نيئر رضوير عدالت کي ٻڌايو ته سيڪريٽري داخلا عدالت جي ٺاهيل ڪميٽي جو هڪ اجلاس منقعد ڪيو آهي، صرف ڏهه ڏينهن جي مهلت ڏيو، جسٽس ثاقب نثار چيو ته هڪ ڏينهن جي مهلت به نه ڏيندس. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سيڪريٽري داخلا جي صدارت هيٺ ڪميٽي جو اجلاس آهي، 3 وڳي تائين مهلت ڏيوڳ، ان عدالت رات ڏهه وڳي کان اڳ ٺوس قدم کڻن جي باري آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته وزيراعظم عمران خان بني گالا ۾ غير قانوني اڏاوتن جو معاملو پاڻ اٿاريو هو اڄ ئي فيصلو ڪري پنهنجي گهر جو ڏنڊ ادا ڪري، جيڪڏهن اڏاوتن کي ريگولرائيز ڪرڻ جو فيصلو اڄ نه ٿو ٿي ته وزيراعظم پاڻ اچي وضاحت پيش ڪري، حڪومت مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪري ئي نه رهي آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته حڪومت اڏاوتن بابت شرطون تيار ڪري رهي آهي، چيف جسٽس چيو ته هاڻي ته معاملو اٿاريندڙن وٽ پاڻ حڪومت آهي، وزيراعظم 24 ڪلاڪن ۾ گڏجاڻي طلب ڪري فيصلو ڪري ۽ ڪميٽي ميمبرن کي فوري طور اجلاس گهرائڻ جو چوي، پنهنجو گهر ريگولرائيز ڪرائي ٻين لاءِ مثال بڻجي، ڪميٽي جي رپورٽ اڄ ئي پيش ڪئي وڃي. عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته وزيراعظم ڏنڊ ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں