ڪراچي )چيف رپورٽر + نمائندن وٽان) ڪربلا جي رڻ ۾ باطل خلاف حق جي ويڙھ ۾ پنهنجو اهل عيال قربان ڪندي قربانيءَ جو عظيم مثال رقم ڪندڙحضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس جانثارن جو چاليهو اڄ روايتي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو. ان موقعي تي حفاظتي اپاءَ سخت ڪندي سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي وڌي ويئي آهي. جڏهن ته موبائيل فون سروس به اڄ بند رهندي. تفصيل موجب ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ماتمي جلوس ڪڍيا ويندا. تعزين ، علم پاڪ ۽ ذوالجناح سان نڪرندڙ جلوسن ۾ عزادار سينه ڪوبي ۽ زنجيرن تي ماتم ڪري امام حسين عه سان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندا، ڪراچي ۾ مرڪزي مجلس صبح جو 10 وڳي 30 منٽن تي نشتر پارڪ ۾ ٿيندي، جنهن بعد مرڪزي ماتمي جلوس نڪرندو جيڪو ايم اي جناح روڊ تان گذرندي حسينيه ايرانيان امام بارگاھ تي پهچي نهر ٿيندو. حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جو ضلعي هيڊ ڪوارٽرن مان ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهروفيروز، نوابشاھ، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، قمبرشهدادڪوٽ جي، شڪارپور، دادو، ڄامشورو، ٽنڊ محمد خان، ٽنڊي الهيار، مٽياري، ، ٺٽي ، سجاول، بدين سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ماتمي جلوس ڪڍيا ويندا. جنهن دوران عزاداري واسطي نذر نياز ۽ سبيلان جو انتظام به ڪيو ويو آهي. هوڏانهن امام عالي مقام جي چاليهي جي موقعي تي سمورن شهرن ۾ سخت حفاظتي اپاءَ ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۾ 5 هزار کان وڌيڪ اهلڪار جلوس ۽ امام بارگاهن جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڪراي سميت سمورن وڏن شهرن ۾ موبائيل فون سروس صبح 8 کان رات 10 وڳي تائين بند رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ۾ اڄ رات 12 هين وڳي کان سڀاڻي رات 10 هين وڳي تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي بندش هوندي جڏهن ته مٽياري، ٽنڊو الهيار، سجاول، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي.دادو ضلعي ۾ اڄ کان 31 آڪٽوبر تائين ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي، سانگهڙ ۾ 30 ۽ 31 آڪٽوبر ۽ خيرپور ۾ اڄ کان 2 نومبر تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري منع هوندي. اهڙي طرح ڄامشوري، ٺٽي، ميرپورخاص، سکر ۽ ڪشمور ۾ اڄ ۽ سڀاڻي جڏهن ته ٽنڊومحمد خان ۾ اڄ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي بندش هوندي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟