اومني گروپ جي ڪارخانن مان کنڊ گم ٿيڻ جو انڪشاف، انور مجيد جي جيل ۾ بي ڪلاس بابت درخواست رد، ٻيو پٽ به گرفتار

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) چيف جسٽس اومني گروپ جي انور مجيد کي جيل ۾ بي ڪلاس فراهم ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪي قوم جو پئسو چوري ڪري رهيا آهن کين بي يا سي ڪلاس ڇو ڏنو وڃي.  سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار انور مجيد کي بي ڪلاس ڏيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران اومني گروپ جي شگر ملن مان منجمد ٿيل کنڊ گم  ٿيڻ جو معاملو سامهون آيو.  چيف جسٽس اومني گروپ جي شگر ملن مان منجمد ٿيل کنڊ گم ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته قوم جي اثاثن جي 14 ارب رپين مان 11 ارب رپين جي کنڊ گم ڪئي وئي آهي، ايف آءِ اي ۽ پوليس ڪٿي هئا، ڪهڙين ٽرڪن تي مال وجهي گم ڪيو ويو، ڪير ڪير شامل آهي؟  چيف جسٽس جي پڇاڻي تي ڊي جي ايف آءِ اي ٻڌايو ته 9 شگر ملون اومني گروپ جي ڇٽي هيٺان هلي رهيون آهن، کنڊ گم ٿيڻ تي اومني گروپ خلاف 9 ڪيس داخل ٿيل آهن.  چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي ڪهڙي شگر ملز مان کنڊ گم ڪئي وئي، ڊي جي ايف آءِ اي ٻڌايو ته نئون ديرو شگر ملز، ٻانڌي، کوسڪي، انصاري، ٽنڊو الهيار، باواني، نيو دادو. لارڊ ۽ چمبڙ شگر ملز مان کنڊ گم ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته شگر ملن جو چيف ايگزيڪيوٽ ڪير آهي، ڊي جي ايف آءِ اي ٻڌايو ته اومني گروپ جا مالڪ ئي آهن، اومني گروپ جون ڪجهه آفيسون ڪراچي ۽ ڪجهه ٻين شهرن ۾ آهن. چيف جسٽس چيو ته ايف آءِ اي شگر ملن تي پهرو ڇو نه هنيو آهي، جيڪڏهن ڪو مسئلو هجي ها ته ايف آءِ اي اسان کي درخواست ڏي ها. ايف آءِ اي ٻڌايو ته کنڊ گم ڪندڙن ۾ انور مجيد شامل ٿي سگهي ٿو، چيف جسٽس چيو ته انور مجيد ته جيل ۾ آهي، جيل وڃي انور مجيد کان جاچ ڪيو. عدالت اومني گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ ٻين اختيارين کي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته چيف جسٽس چيو ته اومني گروپ جا سمورا معاملا اسان پاڻ ڏسنداسين. ٻڌڻي دوران اومني گروپ جي وڪيل چيو ته اسان جي درخواستن تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ انور مجيد کي جيل ۾ بهتر ڪلاس جي سهولت ڏني وڃي. اومني گروپ جي وڪيل جي درخواست تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته چوري سامهون اچي چڪي آهي ۽ اڃا به بهتر ڪلاس جي سهولت گهري رهيا آهيو، جيڪي قوم جو پئسو چوري ڪري رهيا آهن کين بي يا سي ڪلاس ڏئي ڇڏيون، بهتر ڪلاس کان مٿي ڪو ڪلاس آهي ته ٻڌايو.  اومني گروپ جي وڪيل چيو ته انور مجيد کي اي ڪلاس جي سهولت به ڏئي سگهجي ٿي، چيف جسٽس چيو ته پاڪستان سان ايترو ڀوڳ نه ڪيو، مسئلو ٻڌايو، سموريون درخواستون رد ڪيون ٿا. ٻڌڻي دوران ڊي جي ايف آءِ اي ٻڌايو ته جيئن ئي اسان عدالت مان نڪتاسين ته اومني گروپ جي ڊائريڪٽر پنهنجي موبائيل فون بند ڪري ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته مون کي هڪ ٻي ڳالهه جي خبر پئي آهي جيڪا وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي، جيڪي به اومني گروپ جا ماڻهو آهن اهي جيل ۾ آهن ۽ هو موبائيل فون استعمال ڪري رهيا آهن،  اومني گروپ جي سمورن ماڻهن کان جيل ۾ موبائيل فون کسيا وڃن، هو جيل ۾ ويهي حڪم جاري ڪري رهيا آهن،  آءِ جي جيل سميت موبائيل نه کسيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اومني گروپ جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي اومني گروپ جي ڊائريڪٽر کي گرفتار نه ڪري ها ته اڄ هو بيان رڪارڊ ڪرائي ها، ايف آءِ اي اومني گروپ جي ڊائريڪٽر  کان جاچ ڪري سگهي ٿي.  چيف جسٽس چيو ته ايف آءِ اي جو معاملو آهي، اسان کين ڪا به هدايت نه ٿا ڏئي سگهون، جيڪي غير قانوني ڪم ۾ ملوث آهن، انهن خلاف قانون موجب ڪيس داخل ڪيو وڃي.  عدالت ايف آءِ اي کان اومني گروپ جو مڪمل رڪارڊ 30 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو. ٻئي طرف ايف آءِ اي انور مجيد جي ٻئي پٽ نمر مجيد کي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاهران گرفتار ڪري ورتو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں