لاهور (بيورو) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته مون تي هر پاسي کان حملو ٿي رهيو آهي، سڄو جهيڙو 18هين ترميم جو آهي، ٽنڊي الهيار ۾ صنعت سازي لاءِ دوست سان رابطو ڪيم ته ان کي به کنڀيو ويو. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته ڪوڙن اڪائونٽن جي الزام تي منهنجي دوستن ۾ هٿ وڌا ويا آهن، ائين لڳي رهيو آهي ته 18هين ترميم جو جهيڙو آهي پر آبادي جي لحاظ سان ان جو سڀ کان گهڻو فائدو پنجاب کي پهتو آهي، تنهن ڪري ن ليگ اڳواڻ شهباز شريف لاهور ۾ خرچ ڪيو. هن واضح ڪيو ته اهي ماڻهو منهنجي دوستن کي پڪڙي رهيا آهن، انهن کي حقيقي مسئلو منهنجي دوستن سان آهي. آصف زرداري نالو کڻڻ بنا چيو ته اسان به ايترا ئي محب وطن آهيون جيترا توهان، شايد توهان کان به وڌيڪ محب وطن آهيون، هن چيو ته حڪومت ڪيرائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دلچسپي نٿا رکون، اسان جي هر فيصلي جي پردي پٺيان سوچ ۽ نظريو هو، توهان تسليم نه ڪيو پر بلوچستان ۾ ڇڪتاڻ موجود آهي. هن اشارو ڏنو ته قانون سازي اسان جو ڪم آهي، تنهن ڪري سڀ معاملا اسان کي اُڪلائڻ ڏيو، پارليامينٽ ۾ وڙهي سِڙهي ڪري وينداسين. اين آر او بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته مان اڳوڻي صدر پرويز مشرف کان اين آر او نه گهريو ۽ عمران خان سان پارليامينٽ کانسواءِ ڪٿي ملاقات ناهي ٿي. اڳوڻي صدر چيو ته جيڪڏهن اسان خيبرپختونخواهه ۾ پشتون کي سڃاڻپ ڏني آهي ته اها ان جي ضرورت هئي. سندس موجب سعودي عرب سدائين اسان جي مدد ڪئي آهي ۽ موٽ ۾ پاڪستان به هر ممڪن سهڪار ڪيو پر حڪومت کي بيل آئوٽ پيڪيج ملڻ تي خوش آهيان، رياست کي ٻاهران نه اندران گهڻا خطرا آهن، 5 سال صدر رهيس پر ڪرپشن جو ڪو داغ نه لڳو. آصف زرداري چيو ته ٽريڊنگ اڪائونٽن کي جعلي چيو ويو اليڪشن کان اڳ مون تي حملا شروع ٿيا ۽ اڃا جاري آهن هن چيو ته جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪيو ويو ته اها ڪا نئين ڳالهه ناهي خواهش آهي ته حڪومت مدو پورو ڪري حڪومت کي ڪيرائڻ مسئلو ناهي پر ڪيترائن نٿا چاهيون حڪمران هوش کان ڪم وٺن پاڻ ته بني گالا کان ٻاهر نٿا نڪرن هن چيو ته نواز شريف کي منهنجي ضرورت ناهي ۽ نه ئي مون کي ان جي آهي مون ته مشرف کان به اين آر او نه گهريو، مون ائين ئي ڪيس کٽيا حڪومت کي اصل مسئلو مون سان آهي ۽ گرفتار منهنجي دوستن کي ڪيو پيو وڃي مان حڪومت کان اين آر او ڇو گهران مشرف جي دور ۾ به جيل ڪاٽيو ڏسون ته فصل الرحمان اي پي سي گهرائي ٿو يا نه هن چيو ته حڪمرانن وٽ مينڊٽ ناهي نه سوچ ۽ نه ئي انهن کي سيکاريو ويو آصف زرداري چيو ته جن دوستن سنڌ ۾ سيڙپڪاري ۽ انڊسٽريلائيزيشن ۾ مدد ڪئي انهن کي گرفتار ڪيو ويو اسان کي قانون جي عزت ڪرائڻي آهي اسان عدليه جي خلاف ناهيون اسان کي اين آر او جي ضرورت نه هئي، پرويز مشرف کي ضرورت هئي جيڪي ماڻهو آمريت جي دور جي اداڪاري ڪري رهيا اهن اهي تمام خراب اداڪار آهن نواز شريف ۽ منهنجي الڳ الڳ پارٽيون آهن هن چيو ته جهڙي ڪندا نهڙي ڀريندا حڪومت کي ڪيرائي ان جون ناڪاميون پنهنجي ڳچي ۾ وجهڻ نٿا چاهيون اسدان چاهيون ٿا ته حڪومت پاڻ ٿڪجي پوي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟