مس گرينڊ انٽرنيشنل جو مقابلو کٽندڙ حسينا خوشي ۾ بيهوش

0Shares

ميانمارميانمار ۾ منعقد سالياني مس گرينڊ انٽرنيشنل مقابلي ۾ ٽائيٽل کٽيندڙ پيراگوئي جي حسينا خوشي وچان اسٽيج تي ئي بيهوش ٿي وئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. مس گرينڊ انٽرنيشنل مقابلي ۾ مختلف ملڪن مان حسينائن جي وڏي تعداد حصو ورتو، جنهن ۾ انڊونيشيا جي پروڪو ٽئين نمبر تي پنهنجي جاءِ ٺاهي. ان کانپوءِ مقابلو انڊيا جي ميناڪشي چوڌري ۽ پيراگوئي جي ڪلارا سوسا وچ ۾ ٿيو. ان کان اڳ پيراگوئي جي ڪلارا سوسا جو مس گرينڊ انٽرنيشنل مقابلي جي فاتح جي طور تي اعلان ڪيو ويندو، هوءَ مس انڊيا جو ٻئين نمبر تي اچڻ جو ٻڌي ئي خوشي وچان بيهوش ٿي وئي. ان موقعي تي اسٽيج تي ڪجهه دير لاءِ هلچل پيدا ٿي وئي، جڏهن ته ڪجهه دير کانپوءِ مس پيراگوئي جا حواس بحال ٿي ويا ۽ کيس مس گينڊ انٽرنيشنل 2018ع جي فاتح جي طور تي تاج پارايو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں