ڪپتان ڪوهلي جي سينچري لڙهي وئي، ڀارت کي ٽئين ون ڊي ۾ ويسٽ انڊيز هٿان شڪست، سيريز 1-1 تان برابر

0Shares

پوني(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٽئين ون ڊي ۾ ڀارت کي 43 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي، ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي سينچري لڙهي وئي. ڀارتي ٽيم ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ويسٽ انڊيز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 283 رنسون ٺاهيون. شئي هوپ نروس نائينٽي جو شڪار ٿي 95 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، ايشلي نرس 40، هيٽمائير 37 ۽ ڪپتان هولڊر 32 رنسون ٺاهيون. ڀارت طرفان بمرا 4، ڪلديپ يادو 2، ڀونيشور ڪمار، خليل احمد ۽ چاهل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ڀارتي ٽيم 47.4 اوورن ۾ 240 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ويرات ڪوهلي جي 107 رنسن جي اننگ لڙهي وئي، ٻين رانديگرن ۾ ڌون 35، پينٽ 24 ۽ رايوڊو 22 رنسون ٺاهي سگهيا. ويسٽ انڊيز طرفان مارلن سيموئل 3، نرس، نڪواءِ ۽ هولڊر 2-2 جڏهن ته روچ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.  ايشلي نرس کي آل رائونڊ پرفارمنس تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں