ڪراچي (چيف رپورٽر) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سنڌ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وڏي وزير مرادعلي شاهه کي طلب ڪيو آهي مراد علي شاهه کي تعاون نه ڪرڻ جي شڪايت تي چيمبر ۾ ملاقات لاءِ گهرايو آهي کيس سمن جاري ناهي ڪئي ٻڌڻي دوران ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ ۽ جي آءِ ٽي آفيسر اڳڀرائي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي جسٽس ثاقب نثار تعاون نه ڪرڻ تي ريمارڪس ڏنا ته ايئن ڪم نه هلندو مان به هتي اچي ويهي رهندس ۽ ڪنهن کي به نه ڇڏيندس سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل بئنچ سنڌ ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي جو سربراهه احسان صادق ٻين ميمبرن سان گڏ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته مختلف کاتن کان تعاون نه ڪرڻ جي شڪايت هئي ٻڌايو ڇا ٿيو جنهن تي جي آءِ ٽي سربراهه ٻڌايو ته اسانکي پريشاني ٿي آهي عدالت جي مداخلت سان دستاويز مليا آهن چيف جسٽس چيو ته ايئن ڪم نه هلندو مان به هتي اچي ويهي رهندس پوءِ ڪنهن کي نه ڇڏيندس جنهن کان پوءِ چيف جسٽس مراعلي شاهه کي چيمبر ۾ گهرائي ورتو چيف جسٽس ايدووڪيٽ جنرل سنڌ سان ڳالهائڻ دوران ريمارڪس ڏنا ته مني لانڊرنگ اهم معاملو آهي مان وڏي وزير سان ملڻ چاهيان ٿو ان کي چئو ته اڄ ئي اچي ملي جي آءِ ٽي سربراهه عدالت ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي ويئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته اومني گروپ تي ڪل 73 ارب رپين جو قرض آهي جن مان نيشنل بئنڪ جا 23 ارب رپيا جڏهن ته سنڌ بئنڪ سمٽ بئنڪ جا ڪل 50 ارب رپيا آهن چيف سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته اسان سمورو رڪارڊڏنو آهي ان تي چيف جسٽس جي آءِ ٽي جي سربراهه کان پڇا ڪئي ته سمورا دستاويز ملي ويا آهن احسان صادق ٻڌايو ته سمورا دستاويز ملي ويا آهن پر اسڪروٽني ڪرڻي آهي اسان عدالت جا ٿورائتا آهيون ان موقعي تي کاتي جي عدم سهڪار ۽ رڪارڊ وقت تي نه ڏيڻ بابت اڳوڻو آرڊر پڙهي ٻڌايو ويو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اومني گروپ تي 73 بلين جون رهتون آهن هي 73 بلين بئنڪ کائي ويئي يا اومني گروپ، سنڌ بئنڪ انهيءَ ڪري ته انضمام ڪري رهيو هو ته ان ڳالهه جي جيئن خبر ئي نه پوي هن وڌيڪ چيو ته جيستائين هڪ هڪ رڪارڊ جي آءِ ٽي کي نٿو ملي اسان ڪراچي ۾ ئي ويٺا آهيون جسٽس ثاقب نثار چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کي چئو ته مون سان چيمبر ۾ اچي ملي ۽ مان واضح ڪري ڇڏيان ته سنڌ جي وڏي وزير کي سمن جاري ناهي کيس عدم تعاون جي شڪايت تي چيمبر ۾ ملاقات لاءِ گهرايو آهي هن ريمارڪس ڏنا ته گودام ۽ بئنڪ جو رڪارڊ به چيڪ ڪيو وڃي فائنل رپورٽ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اومني گروپ کان جواب وٺنداسين جسٽس ميان ثاقب نثار جو چيو ته جي آءِ ٽي پاران دستاويز نه ڏيڻ جي شڪايت ڪئي ويئي هئي هاڻي سمورن سيڪريٽريز مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي جي اءِ ٽي سان هي تعاون جاري رکيو وڃي جيڪو عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪندو ان جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي عدالت ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي کي حڪم ڏنو ته 70 بلين رپين جي لون جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي ۽ جوابدارن جي خلاف ڪرمنل ايڪشن ورتو وڃي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته ٽائيم ٽو ٽائيم جيڪو رڪارڊ گهرندا اسان ڏيئي ڇڏينداسين جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪو نه گهرنداسين اسان ڏيئي ڇڏينداسين اسلام آباد کان ڪراچي اچڻ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ٿو تعاون رهيو ته مهرباني ٿيندي سپريم ڪورٽ سنڌ جي سمورن کاتن کي جي آءِ ٽي سان مڪمل سهڪار جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته سمورا سيڪريٽريز پنهنجي حلف نامي سان گڏ بيان ۽ دستاويز ڏين چيف جسٽس جي آءِ ٽي سربراهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي مڪمل آزادي آهي جتي وڃڻ چاهيو ٿا وڃو ۽ ڪم ڪريو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟