نيب وسيلي پ پ کي ٽوڙڻ جو خواب پورو نه ٿيندو، چيف جسٽس گهرايو آهي ته عدالت ويندس: وڏو وزير

0Shares

ڀٽ شاهه (ن هه) شاه عبداللطيف ڀٽائي جي 275هين عرس  جي پڄاڻي واري تقريب وڏي وزير سيد مراد علي شاه شرڪت ڪري مزار تي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري. ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ صوفين ۽ ولين جي ڌرتي آهي. قلندر لعل، سچل سرمست ۽ شاه ڀٽائي جي اسان جي ڌرتي ماءُ تي خاص نظر ڪرم آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته احتساب صوبائي دائري ۾ اچي ٿو ۽ صوبي ۾ اينٽي ڪرپشن کاتو موجود آهي. نيب ڀلي احتساب ڪري پر سياسي انتقام نه ورتو وڃي. مني لانڊرنگ بابت سوال تي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جوڙي آهي جنهن جي اڄ ٻڌڻي هئي. سنڌ حڪومت کان جيڪا ڄاڻ گهري وئي هئي، اها اسان وقتائتي ڏني آهي. جنهن تي چيف جسٽس مطمئن آهي ۽ چيو آهي ته وڌيڪ گهربل ڄاڻ به وقت تي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته کيس اڄ چار بجي گهرايو ويو هو پر هن ايڊووڪيٽ جنرل وسيلي اهو نياپو اماڻيو ته کيس ڀٽ شاه وڃڻو آهي، جنهن تي چيف جسٽس ڪارروائي روڪيندي ڪارروائي هلائڻ جو حڪم ڏنو. جنهن جي تي هو پاڻ حاضر ٿيندو. صوفين بابت سوال تي هن چيو ته صوفي يونيورسٽي لاءِ زمين جو معاملو آهي ڇو ته ويجهڙائي ۾ ڪا به سرڪاري زمين موجود ناهي ۽ ان مسئلي جو به جلد حل ڪڍيو ويندو. ڀٽ شاه ۾ پاڻي مسئلي واري سوال تي هن چيو ته پاڻي جو مسئلو سڄي سنڌ ۾ موجود آهي ۽ اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ان کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. سالياني ترقياتي پروگرام ۾ پڻ سنڌ حڪومت تمام گهڻي رقم رکي آهي ۽ انشاء الله پاڻي جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو. ٿر ۾ ٻارڙن جي موت واري سوال تي هن چيو ته پاڪستان ۾ سراسري طور هڪ هزار نون ڄاول ٻارڙن مان 70 کان 100 تائين ٻار فوت ٿين ٿا، جڏهن ته ٿر ۾ اهو انگ 50 کان 60 آهي پر تنهن هوندي به انهن ٻارڙن جي موت جو احساس آهي انهي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. مولانا فضل الرحمان ۽ زرداري ملاقات واري سوال تي هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سينئر سياستدان آهي اهو جيڪي ڳالهيون ڪري ٿو ان جا جواب هو ڏيندو پر مخالف ڌر ۾ نواز ليگ ۽ مولانا اسان سان گڏ آهن.نيب وسيلي ڪارروائيون ڪري پ پ پ کي ٽوڙڻ واري سوال تي هن چيو ته پيپلز پارٽي متحد آهي ۽ متحد رهندي جڏهن کان ڄاوا آهيون تڏهن کان اهو ٻڌندا اچون پيا ته پ پ پ کي ٽوڙڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن پر اسين سدائين متحد رهيا آهيون. 18هين ترميم بابت پي ٽي آءِ جي بيانن تي هن چيو ته 18هين ترميم بابت هڪ وفاقي وزير چيو هو ته کين 18هين ترميم جي پرواهه ناهي جڏهن ته هن پڻ ان قانون تحت قسم کنيو آهي. 18 هين ترميم ختم ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي هوندي. وڏي وزير چيو ته چيف جسٽس جي گهرائڻ تي اڳ به حاضر ٿيو آهيان ۽ هاڻ به ويندس نيب جيڪڏهن جانبدار ڪارروايون  ڪندو ته سوال به اٿندا ڪرپشن جو خاتمو غيرجانبدار ڪاررواين سان ممڪن آهي هن چيو ته سنڌ جو گورنر اڃا نئون آهي سياست کي سمجهڻ  ۾اڃا ڪجهه وقت لڳندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں