نيب جو سنڌ اطلاعات کاتي جي آفيس تي ٻيهر ڇاپو، هڪ ڪلاڪ جهڙتي، رڪارڊ ضبط

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) قومي احتساب بيورو  نيب  ڪراچي، اطلاعات کاتي جي صوبائي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ ضبط ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب سنڌ جي اطلاعات کاتي طرفان اربين رپين جا اشتهار اهڙين اخبارن کي جاري ڪيا ويا جن ڪو وجود ئي ناهي. نيب جي ڇهه رڪني ٽيم اطلاعات کاتي جي آفيس ۾ هڪ ڪلاڪ تائين تلاشي ورتي ۽ اهم رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي وئي. ڪاروائي ڪندڙ ٽيم ۾ ڊائريڪٽر ليول جا آفيسر شامل هئا. نيب کي شڪ آهي ته ڊمي اخبارن کي جاري ڪيل اشتهارن جي رقم پرڏيهه منتقل ڪئي وئي آهي ۽ ان معاملي تي 2013 کان جاچ هلي رهي آهي. سنڌ جي اطلاعات کاتي خلاف نيب ۾ اڳواٽ ئي ٽي انڪوائريون هلي رهيون آهن جن ۾ سڌ سماءَ وارو اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ اطلاعات وارو سيڪريٽري ذوالفقار شهواڻي جيل ڪسٽڊي ۾ آهن. نيب سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ عمر شهزا، گلزار علي، سارنگ لطيف ۽ سلمان منصور سميت ٻين پڻ گرفتار ڪيو آهي. جوبدارن مٿان سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ پنج ارب 76 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں