وزيراعظم جي ڀيڻ به دبئي ۾ ملڪيت جي مالڪ نڪتي، رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش

0Shares

اسلام آباد (بيورو) ايف آءِ اي پاڪستانين جي غيرملڪي اثاثن بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم جي ڀيڻ عليمه خان پڻ دبئي ۾ بنا نالي ملڪيت جي مالڪ آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب ايف آءِ ايسپريم ڪورٽ ۾ پاڪستانين جي غيرملڪي اثاثن بابت رپورٽ جمع ڪرائي آهي جنهن ۾ ملڪ جي ڪيترين ئي سياسي ۽ سرڪاري شخصيتن ۽ سندن خاندان جي نالن تي دبئي ۾ ملڪيت هئڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي جي رپورٽ موجب وزير اعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خانم دبئي ۾ بنا نالي ملڪيت جي مالڪ نڪتي آهي، ايف بي آءِ عليمه خانم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، اهو نوٽيس سندس جي پنهنجي ملازم جي دعويٰ جي روشني ۾ اي ميل ذريعي موڪليو ويو آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير مرحوم مخدوم امين فهيم جي گهرواري رضوانه امين جي نالي 4 ملڪيتون آهن ۽ هن انهن ملڪيتن جي مالڪ هئڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ سندس ملازمن نوٽيس وصول ناهي ڪيو. ان کانسواءِ وزيراعظم جي خاص صلاحڪار فرخ سليم جي امڙ، پي ٽي آءِ اڳواڻ ممتاز احمد مسلم، عدنان سميع خان جي امڙ نورين سميع خان، اڳوڻي سينيٽر انور بيگ جي گهرواري، سينيٽر تاج محمد آفريدي، مير حسن ٽالپور، اڳوڻي سينيٽر عمار احمد خان، ڪسٽمز ڪليڪٽر شاهد مجيد، ايف بي آر آفيسر واصف خان، اڳوڻي ايم ڊي پي اي اعجاز هارون جي گهرواري، ڊي آءِ جي سهيل حبيب تاجڪ، اڳوڻي ايڪسين زاڪم خان، ڪليڪٽر ڪسٽمز واحد خورشيد جي گهرواري جڏهن ته مشرف جي اڳوڻي طارق عزيز جي ڌيئرون پڻ دبئي ۾ ملڪيتن جون مالڪ نڪتيون آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں