حڪومت عوام تي مهانگائي جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا، بجلي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جي ٿيندڙ اجلاس ۾ بجلي جو اگهه هڪ رپيو 27 پئسا في يونٽ وڌائڻ بابت اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي منظوري ڏني ويئي آهي اجلاس کان پوءِ چوڌري فواد حسين ۽ عمر ايوب سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر ٻڌايو ته ڪابينه اجلاس ۾ بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 27 پئسا في يونٽ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي هن ٻڌايو ته  يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ هڪ ڪروڙ 76 لک گهريلو ڪنيڪشن تي ڪائي واڌ ناهي ڪئي ويئي 300 کان 700 يونٽ وارن لاءِ 10 سيڪڙو ۽ انک ان مٿي وارن لاءِ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي ويئي آهي هن چيو ته 5 ڪي وي کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ ڪمرشل صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ ڪائي واڌ ناهي ڪئي ويئي ۽ اهڙن صارفين جو انگ 95 سيڪڙو آهي هن ٻڌايو ته اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ به بجلي جي اگهن ۾ ڪابه واڌ ناهي ٿي هن ٻڌايو ته اميد آهي ته ملڪ لاءِ آءِ ايم ايف جو هي آخري پروگرام هوندو پريس ڪانفرنس ڪندي عمر ايوب ٻڌايو ته گذريل حڪومت ملڪ کي تباهه ڪري ويئي آهي پر اسان پاور سيڪٽر جي خساري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ ان مقصد لاءِ بجلي چورن جي خلاف سڀاڻي کان مهم شروع ڪئي پئي وڃي. اسد عمر چيو ته گذريل سال بجلي جي نظام ۾ 4 سئو 53 رپيه خسارو ٿيو جنهن سبب سموري خساري جو بار عوام جي کيسن تي وڌايو ويو آهي. هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي سان 70 سيڪڙو گهريلو صارفين تي اضافي بار نه پوندو. سندس چوڻ هو ته نيپرا بجلي جا اگهه مقرر ڪندي آهي، حڪومت کي 3 رپيه 80 پئسا اضافي جي تجويز ڏني وئي.  اسد عمر چيو ته سڀ کان اهم ڳالهه بجليءَ جو خسارو گهٽ ڪرڻ آهي، جيڪڏهن ايئن ئي هلندا رهياسين ته بجلي جي نظام ۾ 550 ارب رپيه خسارو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته نيپرا جو ڪم تجزيو ڪرڻ ۽ قيمت مقرر ڪرڻ آهي، نيپرا جي تجويز باوجود اسان بجلي جي اگهن ۾ هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو نه ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي دوري بابت ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ۽ چيو ته سعودي پيڪيج سان اقتصادي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته چين سميت ٻين دوست ملڪن سان به رابطن جو سلسلو جاري آهي. ذريعن موجب ڪابينا جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر سعودي عرب جي اقتصادي پيڪيج ۽ ٻين آپشنز تي بريفنگ ڏني.  ذريعن موجب ڪابينا بجلي جا اگهه وڌائڻ سميت اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن ۽ هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا بورڊ جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏني جڏهن ته نيب آفيسرن کي سرڪاري پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي منظوري جو معاملو ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.  ذريعن موجب ڪابينا نيشنل لائبريري پاڪستان ۽ بلغاريا وچ ۾ ايم او يو جي منظوري ڏني ۽ اڪادمي ادبيات پاڪستان ۽ اومان ادبي اداري وچ ۾ ٺاهن جي منظوري ڏني. ٻئي طرف بجلي اگهن ۾ واڌ  وارن دستاويزن موجب 301  کان 700 يونٽ تائين في يونٽ 16 رپيا  مان وڌائي 17 رپيا 60  پئسا اگهه مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 700 يونٽ کان مٿي اگهه تي 18 رپين مان وڌائي 20 رپيا 70  پئسا  في يونٽ اگهه مقرر ڪيو ويو آهي. 5  ڪلو  واٽر تائين ڪمرشل صارفين لاءِ بجلي في يونٽ 18 رپيا برقرار  رهندي. 5 ڪلو  واٽر کان وڌيڪ ڪمرشل صارفين لاءِ في يونٽ 18 ر پين مان وڌائي 19 ر پيرا 68  پئسا  ٿي ويو. 5  ڪلو واٽر کان وڌيڪ صارفين جو  پيڪ اوور مين يونٽ 18 رپين مان وڌي 21 رپيرا 60  پئسا ٿي ويو 5  ڪلو واٽر کان وڌيڪ  ڪمرشل صارفين لاءِ ل پيڪ اوور مين هڪ يونٽ ساڍا 12 رپين مان وڌي 15 رپيا 63  پئسا  ٿي ويو. ان کان سواءِ جنرل سروس شعبي جي صارفينلاءِ بجلي جو اگهه 17 رپيرا 56  پئسا برقرار آهي.  صنعتي صارفين لاءِ  گهٽ ۾ گهٽ في يونٽ اگهه 14 رپيا 50  پئسن مان وڌي 15 رپيرا 28  پئسا  ٿي ويو. عمر ايوب چيو ته ساليانو 250  کان 280  ارب  رپيا گهٽ بلن ۽ بجلي چوري  ۾ هليا ويندا آهن. اسان بي سي ڪيبل لڳائينداسين. جنهن تي ڪنڊا نٿا هلن. اي ايم آءِ ميٽر به لڳائينداسين جيڪي ٽرانسفارمر  تي لڳندا بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.  فواد چوڌري چيو ته 2022 ۽  پهريون خلائي مشن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  چين ۽ سپارڪو  وچ ۾ معاهدو  ٿي چڪو آهي نيب آفيسرنکي آفيشل پاسپورٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں