مٺي(ڊ ر) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه چيو آهي ٿر ۾ ڏڪاري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ننڍي پيماني تي قرض فراهم ڪندڙ بينڪن کي پابند ڪيو ويندو ته هو ٿر ڏڪار متاثرن جي قرض جي واپسي واري مرحلي کي منسوخ ڪن ، صحرا ٿر ۾ پاڻي، صحت، تعليم جي فراهمي سان گڏوگڏ لائيواسٽاڪ تي خصوصي توجه ڏيڻ اولين ترجيح ۾ شامل آهي، بند آر او پلانٽ تمام جلد ڪم شروع ڪندا انهن کي فعا بنائڻ لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي پابند بڻايو ويو آهي ان کان علاوه 236 آر او پلانٽ ڊسمبر مهيني تائين لڳي ويندا ، بند واٽر سپلائي اسڪيمن لاءِ ريهيبليٽيشن پروگرام جوڙيو ويو آهي ماء ۽ ٻار جي صحت تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو ٿر ۾ قائم ٿيندڙ طبي ڪيمپن ۾ ماء ۽ ٻار جي صحت تي خصوصي توجه ڏني ويندي، ٿر ۾ نيشنل انسٽيٽوٽ آف چائلڊ هيلٿ NICH جي مشاورت بعد ٻارن جي وارڊ ۾ توسيع ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي سروي رپورٽ ٺاهي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي سندس چوڻ هو ته منهجي ٿر جي دوري جو مقصد هتان جي مسئلن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن جي گڏيل حل لاء اپاءُ وٺڻ آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه درٻار هال مٺي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو . چيف سيڪريٽري سنڌ وڌيڪ چيو ته ڏڪار متاثرن جي ڏکيائن کي مد نظر رکندي تعلقه گدامن کان علاوه ضلع ۾ 80 ويجها سينٽر قائم ڪيا ويندا ته جئين ڏڪار متاثرين کي ڪڻڪ آساني سان ملي سگهي .ان سلسلي ۾ خوراڪ کاتي جي آفيسرن کي سخت تاڪيد ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن متاثرين ۾ ملاوٽ واري ڪڻڪ ورهائي وئي ته ان جا ذميوار پاڻ هوندا ۽ انهن جي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽيزکي ٿر جي هر تعلقه اسپتال جي ذميواري سونپي وئي آهي ۽ هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ماهر ڊاڪٽرن سان ٿر اچي طبي صحت ڪئمپون قائم ڪن . چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته جلد ٿرپارڪر ۾ 500 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڀرتي ڪيون وينديون . هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ غذائيت پروگرام جي ناڪامي جي انڪوائري ڪرائي ويندي ته اهي ڪهڙا سبب هئا جنهن جي ڪري هي پروگرام ناڪام ٿيو ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. سيد ممتاز علي شاهه چيو ته جتي ڏڪاري صورتحال پيدا ٿيندي آهي انسانن سان گڏ مال متاءُ پڻ متاثر ٿيندو آهي ۽ ٿر جي ماڻهن جو گذر سفر مال متاءُ تي آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت پاران ٿر ۾ جانورن کي بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسينيشن جو ڪم جاري آهي ۽ جلد جانورن جي چاري فراهم ڪرڻ جو مرحلو شروع ڪيو ويندو . هن چيو ته ٿر جي ڏڪار صورتحال سبب سڀني لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي پابند ڪيو ويو آهي ته هو ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ ويهي پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن . ٿر ۾ وڻن جي واڍي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٿر جي قيمتي وڻن جي واڍي جي روڪٿام لاءِ ضلعي انتظاميه ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کي هدايت ڪئي آهي ته هو قيمتي وڻن جي واڍي کي روڪڻ لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن ۽ ملوث ماڻهن خلاف فوري ڪاروائي ڪئي وڃي . چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته ٿر ڪول منصوبي مان تيار ٿيندڙ 660 ميگا واٽ بجلي ڊسمبر تائين نيشنل گرڊ اسٽيشن ۾ شامل ٿي ويندي ۽ چيو ته ٿر جي ڪوئلي ۾ ايتري صلاحيت موجود آهي جنهن سان پوري ملڪ ۾ سستي بجلي فراهم ٿي ۽ هن منصوبي سان مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا ۽ هي منصوبو ٿر جي تقدير بدلڻ ۾ اهم بنياد ثابت ٿيندو . ان کان اڳ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه دربار هال مٺي ۾ ٿر جي صورتحال ۽ درپيش مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ ٿر ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن جي سربراهن سان الڳ الڳ اجلاس منعقد ڪيا . ان موقعي تي هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته ٿر ۾ ڏڪاري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ان سلسلي ۾ جيڪي به درپيش مسئلا آهن انهن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪيو ويندو . هن سماجي تنظيمن جي نمائيندن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي ادارن پاران جنهن شعبي ۽ ٿر ۾ جنهن علائقي ۾ ڪم ڪن ٿا انهن جي رپورٽ ڏني وڃي ته جئين گڏيل طور تي ڪم ڪري سگهجي ۽ چيو ته سڀئي سماجي تنظيمون پاڻ ۾ رابطي ۾ رهي ٿر جي ماڻهن جي بهتري لاءِ ڪم ڪن . گڏجاڻي ۾ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ۽ فاريسٽ سيد سهيل اڪبر شاهه ، اسپيشل سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو، ڊائريڪٽر جنرل صحت ڊاڪٽر مبين ميمڻ، ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد آصف جميل ، ايس ايس پي ٿرپارڪر عمران قريشي، ڊائريڪٽر اطلاعات ميرپورخاص شفيق حسين ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي سربراهن سميت سماجي تنظيمن جي نمائيندن شرڪت ڪئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟