ڀٽائي جي ميلي جون ٻئي ڏينهن واريون تقريبون، ادبي ڪانفرنس، سنڌين جو محسن قرار

0Shares

ڀٽ شاهه ( رپورٽ : محمد جمن چوهاڻ  ) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 275 هين عرس جي ٻئي ڏينهن تي ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان ڀٽ شاهه جي ايڇ ٽي سورلي هال ۾ سالياني لطيف ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ادبي ڪانفرس کي صدارتي خطاب ڪندي لاهور مان آيل نامياري تاريخدان، محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر مبارڪ علي چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ صبر، اعتدال ۽ عجز و انڪساري سان زندگي گذارڻ جي ڳالهه ڪئي آهي جڏهن ته سندس ڪلام ۾ ڌرتيءَ سان محبت جو عنصر پڻ نمايان آهي. هن چيو ته ڪنهن به شخصيت جي سڃاڻپ لاءِ علائقي جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ انتهائي لازمي هوندو آهي ۽ سنڌي قوم لاءِ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ڪنهن محسن کان گهٽ نه آهي. سنڌي ٻولي جي ادب مان سنڌ جي سرزمين جي اهميت جي خبر پوي ٿي. هن چيو ته شاهه سائين جو پيغام محدود نه آهي پر ان جا بيشمار پهلو آهن جنهن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ادبي ڪانفرنس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي چيو ته ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ جتي سائنس وڏي ترقي ڪئي آهي اتي اسين اهو ڏسون ته ڇا اسان جي قدرن پڻ ترقي ڪئي آهي يا اهي زوال پذير آهن. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي سميت سنڌ جي سمورن صوفي بزرگن جي امن، محبت ۽ سلامتي واري پيغام کي عام ڪجي. هن چيو ته شاهه صاحب سنڌ جي خوشحالي لاءِ جيڪا دُعا ڪئي هئي ان جي سي پيڪ واري منصوبي تحت شروعات ٿي چڪي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ عبدالله غازي، قلندر لال شهباز ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهن تي بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل، فرقي ۽ مذهب جي فرق جي انسانيت جي پرچار ڪئي وڃي ٿي جنهن جو واضح ثبوت هي آهي ته هنن ڄاڻايل درگاهن تي لنگر دوران سمورا انسان گڏجي ماني کائين ٿا. دنيا کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته اسان جي دين جو مظهر اسان جون درگاهون آهن جڏهن ته اسلام انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو نه پر امن، سلامتي، ڀائيچاري ۽ محبت جو مذهب آهي. هن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي پيغام جا اسين سڀ وارث آهيون ۽ اسان سڀني کي گڏجي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام دنيا ۾ روشناس ڪرائڻو آهي. هن چيو ته ڀٽ شاهه ۾ موجود دنيا جي پهرئين صوفي يونيورسٽي جي شروعات ٿي چڪي آهي جنهن لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. “ڀٽائي وٽ وقت جو احساس” جي عنوان سان مقالو پيش ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر نواز ڪنڀر چيو ته ڀٽائي وقت جو احساس مختلف طريقن سان ڏياري ٿو جنهن ۾ ننڍي کان ننڍو وقت جو ماپو “پل ۽ دم” کان وٺي ساعت لهزي کان سال تائين، پهرن کان وٺي سج چنڊ ۽ نکٽ تائين مختلف موسمن بهار، سيارو، سانوڻ کان وٺي هوائن جن ۾ لڪون، جهولا، چانڊوڪين ۽ اونڌاهي راتين تائين هي اهي شيون آهن جيڪي وقت جي آمد و رفت جو احساس ڏيارين ٿيون. هن چيو ته شاهه صاحب مختلف ڪمن ڪرڻ جي مقرر وقتن جي حوالي سان مختلف فصلن جي پوک ۽ پچڻ، پکين جي ٻولين، تاڙي جي تنوار کان ڪڪڙ جي ٻانگ تائين مختلف طريقن مان وقت جي اهميت جو احساس ڏياري ٿو جنهن جو مقصد خالق جي خوشنودي حاصل ڪرڻ ۽ مليل وقت جنهن جي حياتي کي سجايو گذارڻ ته جيئن کيس آخرت ۾ پشيمان نه ٿيڻو پوي. نامياري اديب يوسف شاهين حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام بابت تاريخي حوالو ڏيندي چيو ته شاهه لطيف جي ڪلام کي انگريزن جي ڀيٽ ۾ سنڌين دير سان سمجهيو، سنڌ جي ان وقت جي ڪمشنر ارنيسٽ ٽرمپ جڏهن شاهه صاحب جي ڪلام کي پڙهيو ته هن بمبئي جي گورنر کي خط لکي اهو ٻڌايو ته شاهه لطيف جي شاعري سان عالم ۾ انقلاب برپا ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي شاعري ۽ اهڙو پيغام دنيا ۾ ناياب آهي. هن ٻڌايو ته ارنيسٽ جرمني وڃي سنڌي الفابيٽ نئين سر تيار ڪرائي شاهه جو رسالو شايع ڪرايو. ان دور جي انگريزن جو مقصد عيسائي مذهب جي پرچار ڪرڻ هئي پر شاهه جو پيغام سندن ناڪاري روين جو خاتمو بڻجي سامهون آيو. لاهور کان آيل پروفيسر طاهره انجم پنهنجو مقالو پيش ڪندي چيو ته سنڌ شاهه لطيف آهي ۽ شاهه لطيف سنڌ آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي شاعر ۽ صوفي بزرگ طور سڃاتو وڃي ٿو سندس پيغام ۾ عورتن جي تشخص، ڌرتيءَ سان محبت، عالم جي سلامتي ۽ زندگي جي ٻين ڪيترن ئي پهلوئن بابت پيغام ملي ٿو. هن چيو ته شاهه لطيف جو پيغام نه صرف سنڌي قوم بلڪه دنيا لاءِ هڪ احسان آهي ۽ سندس ڪلام مان ڌرتيءَ سان وفاداري جو ثبوت ملي ٿو. بلوچستان مان آيل اسڪالر محمود خان ابڙو پنهنجو مقالو پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جو ثقافتي، معاشرتي ۽ رسمن روايتن ۾ هڪ جهڙائيپ سبب گهرو تعلق آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ شاهه صاحب جا هزارين عقيدتمند موجود آهن. هن چيو ته شاعري جي دنيا ۾ شاهه صاحب پنهنجو منفرد مقام رکي ٿو ۽ سندس شاعري ۾ نظرياتي ۽ فڪري فلسفي سان گڏوگڏ فطرت تي پڻ روشني وڌي ويئي آهي. شاهه لطيف جو پيغام هڪ سمنڊ آهي جيڪو عالمگير حيثيت رکي ٿو. نوجوان اديب الطاف ميمڻ پنهنجو مقالو پيش ڪندي چيو ته شاهه صاحب تڪبر ۽ ذات پات جي فرق واري مرض جي ور چڙهيل انسان کي اهو درس ڏئي ٿو ته هو پنهنجي پاڻ مان اندر جي اوڻائين کي ختم ڪري پاڻ کي هميشه لاءِ جيارڻ لاءِ عاجزي ۽ انڪساري واري واٽ وٺي ته ڪاميابي سندس مقدر ٿي پوندي. ان موقعي تي اختر درگاهي خطاب ڪندي چيو ته شاهه جي راڳ تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ گهرجي، شاهه جي راڳ تي ڪم ڪرڻ لاءِ محقق ۽ موسيقار کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪو هن وقت تائين نه ٿي سگهيو آهي. ان موقعي تي تاج جويو، عبدالله ملاح، شوڪت اڄڻ، ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڊاڪٽر اسد جمال پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ صوبائي سيڪريٽري ثقافت غلام اڪبر لغاري ملڪ توڙي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ناميارن محقق، اديبن کي آجياڻو پيش ڪيو. ادبي ڪانفرنس ۾ شاهه لطيف اسٽيبلشمنٽ جو حامي يا مخالف جي عنوان سان مذاڪرو پڻ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ ماڊريٽر ڊاڪٽر شير مهراڻي، شوڪت اڄڻ ۽ ڊاڪٽر اسد جمال شاهه صاحب جي ڪلام جي حوالي سان عنوان تي بحث ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں