اپوزيشن وارا جمهوريت کي بچائڻ جي ڳالهه ڪن پيا، ڪن کولي ٻڌي ڇڏين، ڪرپٽ ماڻهن کي جيل موڪليندس: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر وارا جمهوريت بچائڻ جون ڳالهيون ڪن پيا، اهي ڪن کولي ٻڌي ڇڏن ڪنهن کي به ڇڏيندس قوم کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پ پ ۽ ن ليگ کي پرويز مشرف اين آر او ڏنو اسان اين آر او نه ڏينداسين ٻيهر چوان ٿو ته احتساب سڀني جو ٿيندو ٻئي پارٽيون روڊن تي اچڻ چاهين ٿيون ته ڪنٽينر ۽ کاڌو مان ڏيندس اسان کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي قوم سان وعدو ڪري آيو آهيان ته ڪرپٽ ماڻهن کي جيل موڪليندس اهي ماڻهو دٻاءُ وجهي اين آر او وٺڻ چاهين ٿا پر ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو. وزيراعظم چيو ته انهن خلاف نيب جا پراڻا ڪيس آهن، اسان ڪيس ناهن ٺاهيا اسان ته انهن ڪيس جي آڊٽ ڪرائي رهيا آهيون 30 هزار ارب رپين جي آڊٽ ڪرائي ويندي اڄ گردشي قرض 1200 ارب رپيا ٿي ويوآهي مني لانڊرنگ سبب ملڪ تي قرض وڌي ويو آهي هن چيو ته اسان کي اقتدار سنڀالڻ شرط قرضن جو بار وڌي ويو اسان تي تمام گهڻو دٻاءُ  هو، اسان کي قرض جون قسطون ادا ڪرڻيون هيون ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئاسين ته دوست ملڪن سان مدد وٺون مان قوم کي خوشخبري ٻڌائڻ آيو آهيان ته سعودي عرب کان زبردست پيڪيج مليو آهي، آءِ ايم ايف کان قرض ورتو ته گهڻو نه وٺنداسين. آءِ ايم ايف کان قرض جو بار عوام تي نه وجهنداسين سعودي عرب کان پيڪيج ملڻ بعد اسان تي پريشر گهٽجي ويو آهي اسان کي پگهاردار طبقي جو وڏو فڪر آهي قوم تي وڌيڪ بار نه وجهنداسين مون کي عوام جي تڪلفن جو احساس آهي اسان اڳواڻن حڪومتن جي نقصان کي پورو ڪري رهيا آهيون اڳوڻيون حڪومتون اسٽيل مل ملازمن  ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ملازمن جا پئسا هڙپ ڪري ويو 10 سالن ۾ انهن ڪجهه نه ڪيو ۽ اڄ جمهوريت بچائڻ لاءِ گڏ ٿيون آهن ٻنهي پارٽين کي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ تي شرم نٿي اچي پنجاب اسيمبلي ۾ هنگامو ڪيو ويو ٻنهي پارٽين عوام کي قرض هيٺيان دٻائي ڇڏيون مان ڪنهن به ڪرپٽ کي نه ڇڏيندس جيترو وٺي زور لڳائي وٺن احتساب ضرور ٿيندو هن چيو ته ڪرپشن جي ڪينسر کي ختم ڪرڻ سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي يمن ۾ امن لاءِ ٽياڪڙي لاءِ تيار آهيون ملڪ جي سيڙپڪاري ۾ اضافو ڪنداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں